سمنڊ پار پاڪستانين جي اثاثن ۽ ملڪيتن تي ڪنهن به قسم جو غير قانوني قبضو برداشت نه ڪيو ويندو: محسن نقوي

اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن جي تحفظ لاءِ اهم ۽ فيصلائتن قدمن جو اعلان ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ گهرو وزير واضح ڪيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جا اثاثا ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. گهرو وزير اسلام آباد انتظاميه کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن …

اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن جي تحفظ لاءِ اهم ۽ فيصلائتن قدمن جو اعلان ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ گهرو وزير واضح ڪيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جا اثاثا ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. گهرو وزير اسلام آباد انتظاميه کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ملڪيتن تي غير قانوني قبضي جو اطلاع ڏئي ته ڊي سي اسلام آباد ان معاملي جو هر صورت ۾ نوٽيس وٺي 7 ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ جو پابند هوندو. هن يقين ڏياريو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ ڪنهن کي به سندن محنت جي ڪمائيءَ تي قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي. محسن نقوي وفاقي دارالحڪومت (آءِ سي ٽي) ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين جي آجيان ڪندي چيو ته سندن سيڙپڪاريءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. هن واعدو ڪيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي هڪ محفوظ ۽ انويسٽر فرينڊلي ماحول فراهم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪيتن ۽ اثاثن جي تحفظ لاءِ شفاف ۽ فوري ڪارروائي يقيني بڻائي ويندي ته جيئن سمنڊ پار پاڪستانين جا اثاثا 100 سيڪڙو محفوظ رهن.

مزید خبریں