ريلوي واري وفاقي وزير جي چوڌري ارمغان سبحاني جي والده جي لاڏاڻي تي سندس رهائش گاهه تي آمد، تعزيت جو اظهار

سيالڪوٽ-27 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اڱاري ڏينهن مملڪتي وزير چوڌري ارمغان سبحاني سان سندس رهائشگاهه تي پهچي سندس والده جي لاڏاڻي تي دلي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، چوڌري ارمغان سبحاني جي رهائش گاهه موضع وريو سيالڪوٽ آيو، جتي هن، مرحومه جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي هن، سوڳوار ڪٽنب سان همدردي …

سيالڪوٽ-27 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اڱاري ڏينهن مملڪتي وزير چوڌري ارمغان سبحاني سان سندس رهائشگاهه تي پهچي سندس والده جي لاڏاڻي تي دلي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، چوڌري ارمغان سبحاني جي رهائش گاهه موضع وريو سيالڪوٽ آيو، جتي هن، مرحومه جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي هن، سوڳوار ڪٽنب سان همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي پوئينرن لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا به ڪئي.  ان کانسواءِ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري قمر زمان ڪائره، چوڌري منظور، اڳوڻو ايم ايل ايز چوڌري شوڪت وزير علي، چوڌري مقبول احمد گجر سميت ٻين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ تڪ سان واڳيل ماڻهن به چوڌري ارمغان سبحاني جي رهائش گاهه تي سندس والده جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں