اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي وڌيڪ برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي سگهي ٿي، صبح جي وقت ۾ اتر اوڀر پنجاب جي علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي وڌيڪ برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي سگهي ٿي، صبح جي وقت ۾ اتر اوڀر پنجاب جي علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخواهه، ڪشمير، مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، اتر اوڀر بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ اڪثر هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه، مالم جبه، پاراچنار، گوپس ۾ ڪاٽو 07، بگروٽ ۾ ڪاٽو 06، ڪالام، استور ۽ راولاڪوٽ ۾ ڪاٽو 05 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











