فيڊمڪ صنعتي ترقيءَ جو اهم مرڪز آهي، حڪومت صنعتڪارن جي مسئلن جي حل لاءِ مڪمل طور سنجيده آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

فيصل آباد-27 جنوري (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ڊولپمينٽ اينڊ مئنجمينٽ ڪمپني (فيڊمڪ) ملڪي صنعتي ترقيءَ جو هڪ انتهائي اهم ۽ مؤثر مرڪز آهي ۽ حڪومت، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ صنعتڪار برادريءَ جي مسئلن جي حل لاءِ پوري سنجيدگي ۽ عزم سان ڪم ڪري رهي آهي. فيڊمڪ جي دؤري جي موقعي تي هن …

فيصل آباد-27 جنوري (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ڊولپمينٽ اينڊ مئنجمينٽ ڪمپني (فيڊمڪ) ملڪي صنعتي ترقيءَ جو هڪ انتهائي اهم ۽ مؤثر مرڪز آهي ۽ حڪومت، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ صنعتڪار برادريءَ جي مسئلن جي حل لاءِ پوري سنجيدگي ۽ عزم سان ڪم ڪري رهي آهي. فيڊمڪ جي دؤري جي موقعي تي هن چيو ته فيڊمڪ ۾ موجوده رڪاوٽون ختم ڪري ان کي وڌيڪ فعال، مستحڪم ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ وڌيڪ سازگار بڻايو ويندو. هن چيو ته سندس تعلق چنيوٽ سان آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ پنهنجي معياري فرنيچر سبب ڄاتو وڃي ٿو، ان لاءِ هو صنعت جي اهميت ۽ صنعتڪارن کي درپيش عملي مشڪلاتن کان چڱيءَ ريت آگاهه آهي. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته صنعت کي هٿي وٺرائڻ سان ملڪي معيشت وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ضمانت آهي. هن چيو ته هو پاڻ هڪ صنعتڪار گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، ان لاءِ ڪاروباري برادريءَ جي مسئلن کي صرف ڪاغذي نه پر زميني حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڏسي ٿو. وفاقي وزير چيو ته مسئلا ٻنهي طرفان ٿيندا آهن پر ملڪ سڀ کان اهم آهي ۽ موجوده چئلينجز باوجود اسان کي گڏجي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ پوريءَ طرح پُرعزم آهي. معيشت ۾ بهتري آئي آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌيا آهن ۽ ناڻي واري وزير کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ۾ رهي ۽ صنعتڪارن کي جتي جتي مشڪلاتون آهن انهن جي حل لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ مجموعي طور سازگار ماحول موجود آهي ۽ هلندڙ سال دوران ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاريءَ ۾ نمايان اڳڀرائي جو امڪان آهي، ان کان اڳ فيڊمڪ جي چيئرمين راڻا اظهر وقار، وفاقي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته فيڊمڪ ۾ 2025ع تائين 90 فيڪٽريون قائم ٿي چڪيون هيون، ان کان پوءِ 26 نيون فيڪٽريون لڳايون ويون آهن، جڏهن 31 فيڪٽرين جو ترقياتي ڪم جاري آهي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته فيڊمڪ ۾ صنعتڪارن لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ ملڪي صنعتڪار ان انڊسٽريل زون ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن. بعد ۾ وفاقي وزير ناليواري صنعتڪار ميان منشا جي فيڪٽري ۾ به ويو ۽ ان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته فيڊمڪ ملڪ جو سڀ کان وڏو صنعتي زون آهي، ان جي دؤري جو مقصد ان جو تفصيلي جائزو وٺي بهتريءَ جي امڪانن کي عملي شڪل ڏيڻ آهي. هن ڪنٽينرز جي سڌيءَ ريت ڪراچي پورٽ کان فيڊمڪ تائين رسائي، لاڳت ۾ گهٽتائي، ريل ذريعي ٽرانسپورٽيشن ۽ فيصل آباد چنيوٽ سميت مختلف علائقن کي ريلوي لنڪ سان جوڙڻ جهڙن اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير کي ميان منشا ان منصوبن لاءِ فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن قسم جي فنڊنگ يا فنانسنگ گهربل هجي ته هو ان سلسلي ۾ تعاون ڪندو ته جيئن هي منصوبو تيزيءَ سان مڪمل ٿي سگهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي صنعتي زون کي مڪمل طور ڊويلپ ڪيو وڃي ۽ باقي رهيل ايراضيءَ کي به جلد کان جلد صنعتي سرگرمين لاءِ ڪتب آڻي سگهجي. بعد ۾ وفاقي وزير فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي صدر فاروق يوسف شيخ، نائب صدر عاصم منير ۽ ٻين ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صنعتڪارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. چيمبر جي صدر فاروق شيخ ٻُڌايو ته سيڪيورٽي خدشن ۽ پاليسي مسئلن سبب 150 کان وڌيڪ صنعتون بند ٿي چڪيون آهن جنهن سان ڏيڍ لک جي ويجهو مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي صنعتڪارن پنهنجون ملز پرڏيهه منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن صنعت هلندي ته ملڪ اڳتي وڌندو، ان لاءِ پاليسين تي نظرثاني اڻٽر آهي. وفاقي وزير صنعتڪارن جي مؤقف سان اتفاق ڪندي چيو ته سندن مسئلا بلڪل صحيح آهن ۽ حڪومت انهن کي نظرانداز نه ڪندي. هن يقين ڏياريو ته فيڊمڪ سميت سمورن صنعتي زونن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا.

مزید خبریں