اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف واضح ڪيو آهي ته تيراه واديءَ ۾ ڪنهن به قسم جو فوجي آپريشن نه ٿي رهيو آهي اتي برفباري ۽ سخت موسم سبب ماڻهن جي لڏپلاڻ معمول جو حصو آهي جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندو پيو اچي. تيراه وادي ۾ هن وقت به 500 کان وڌيڪ ٽي ٽي پي جا ماڻهو پنهنجن ڪٽنبن سان گڏ رهي …
تيراه واديءَ ۾ ڪنهن به قسم جو فوجي آپريشن نه ٿي رهيو آهي: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف واضح ڪيو آهي ته تيراه واديءَ ۾ ڪنهن به قسم جو فوجي آپريشن نه ٿي رهيو آهي اتي برفباري ۽ سخت موسم سبب ماڻهن جي لڏپلاڻ معمول جو حصو آهي جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندو پيو اچي. تيراه وادي ۾ هن وقت به 500 کان وڌيڪ ٽي ٽي پي جا ماڻهو پنهنجن ڪٽنبن سان گڏ رهي رهيا آهن. جرڳي جي مشيرن ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ٽن ملاقاتن کانپوءِ 5 ارب رپيا ان لڏپلاڻ لاءِ رکيا ويا آهن، ان سڄي عمل ۾ پاڪ فوج ڪٿي به ناهي. تيراه وادي جي 12000 هزار ايڪڙن تي ڀنگ جي پوکي ٿي رهي آهي ان جو منافعو به ٽي ٽي پي کي ملي ٿو. پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي ناڪامين جو ملبو پاڪ فوج تي وجهڻ چاهي ٿي، ڪي پي حڪومت تيراه واديءَ سميت 7 وادين جي ماڻهن جي مشڪلاتن کي پنهنجي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري. هو پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي عطاءُ الله تارڙ ۽ خيبر پختونخوا جي اطلاعات بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. خواجه محمد آصف ٻُڌايو ته پاڪ افغان سرحد سان تيراه وادي سميت 7 واديون اهڙيون آهن جتي هر سال برفباري جي موسم ۾ ماڻهو 4 کان 5 مهينن لاءِ لڏپلاڻ ڪن ٿا ۽ هن سال به تيراه وادي جي ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، ان کان اڳ جرڳي جي مشيرن جي ماڻهن ڪي پي حڪومت سان 11 ڊسمبر 2024ع ۽ پوءِ 26 ڊسمبر تي ملاقاتون ڪيون، ان جي روشنيءَ ۾ ڪي پي حڪومت 4 ارب رپيا مائيگريشن پيڪيج رکيو ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ۽ هي مشير پهرين ٽي ٽي پي وٽ ويا ۽ اتفاق راءِ کان پوءِ صوبائي حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪيون ۽ صوبائي حڪومت پنهنجي وزيراعليٰ کي ان حوالي سان ٻُڌائڻ پسند نه ڪيو ته ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه بڻجي ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته ملٽري آپريشنز دوران وڌيڪ نقصان ٿيندا آهن ان لاءِ ڪافي وقت اڳ پاڪ فوج آپريشنز بدران مخصوص انفارميشن بيسڊ آپريشن شروع ڪيا آهن جتي به دهشتگردن جي موجودگيءَ جو اطلاع ملي ٿو اتي آءِ بي او ٿيندا آهن ۽ ٿيندا رهندا. هن چيو ته صوبائي حڪومت خاطري ڪرائي هئي ته تيراه وادي سميت 7 وادين ۾ اسپتال، پوليس اسٽيشن، تعليمي ادارا بڻائيندا پر اڃا تائين ڪجهه نه ڏنو ويو ان علائقن جي ماڻهن کي. هن چيو ته تيراه وادي واحد علائقو آهي جتي هڪ سال 12000 ايڪڙن تي ڀنگ استعمال ٿيندي آهي جنهن جو فائدو ٽي ٽي پي کائي رهي آهي. ڪي پي حڪومت ۽ ٽي ٽي پي سان گڏجي ان سورس کي استعمال ڪري رهي آهي. خيبر پختونخوا جي اطلاعات بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي چيو آهي ته پي ٽي آءِ دراصل 4 ارب رپيا هڙپ ڪرڻ لاءِ اهو ڊرامو رچائي رهي آهي، هو اهڙائي پراجيڪٽس بڻائي ٿي ۽ انهن مان ڪمائي ٿي. هن چيو ته تيراه واديءَ مان هجرت ۾ پاڪ فوج ڪٿي به ناهي، بي سبب پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. خواجه محمد آصف چيو ته تيراه وادي مان ماڻهن جي لڏپلاڻ جي باري ۾ نوٽيفڪيشن ڪي پي حڪومت جو پنهنجو آهي، ان سان وفاقي حڪومت يا فوج جو ڪو به تعلق ناهي. هن انڪشاف ڪيو ته ڪي پي حڪومت جا اهم ماڻهو معمول سان ٽي ٽي پي کي ڀتو ڏين ٿا، هن وقت به تيراه واديءَ ۾ جيڪي 500 ماڻهو ٽي ٽي پي جا رهن ٿا، هي اهي آهن جيڪي 2021ع ۾ ٻيهر ڪي پي ۾ آڻي رهايا ويا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه محمد آصف جو چوڻ هو ته ضم ٿيل علائقن جي فيصلي جي واپسيءَ جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي. هن چيو ته هي به رڪارڊ تي آهي ٻن ٽن سالن کان دهشتگرديءَ ۾ واڌ ٿي آهي، پاڪ فوج جا جوان ۽ آفيسر شهيد ٿي رهيا آهن ۽ جهنم ويندڙ دهشتگردن جو انگ به وڌي رهيو آهي.











