صدر آصف علي زرداري سان اي ڊي پورٽس گروپ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ سي اي او ڪيپٽن محمد جمعه الشامسي جي ملاقات

ابوظهبي – 27 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان اي ڊي پورٽس گروپ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ سي اي او ڪيپٽن محمد جمعه الشامسي خيرسگالي ملاقات ڪئي. صدر اي ڊي پورٽس گروپ جي ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري ۽ پاڪستان جي سامونڊي لاجسٽڪس شعبي ۾ ان جي وڌندڙ ڪردار کي ساراهيو ۽ ان کي پاڪستان – گڏيل عرب امارات اقتصادي تعاون جو هڪ اهم ٿنڀ قرار ڏنو. …

ابوظهبي – 27 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان اي ڊي پورٽس گروپ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ سي اي او ڪيپٽن محمد جمعه الشامسي خيرسگالي ملاقات ڪئي. صدر اي ڊي پورٽس گروپ جي ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري ۽ پاڪستان جي سامونڊي لاجسٽڪس شعبي ۾ ان جي وڌندڙ ڪردار کي ساراهيو ۽ ان کي پاڪستان – گڏيل عرب امارات اقتصادي تعاون جو هڪ اهم ٿنڀ قرار ڏنو. هن ڪراچي بندرگاهه تي گروپ جي جاري سيڙپڪاري کي بندرگاهن جي صلاحيت، ڪارڪردگي ۽ علائقائي چٽاڀيٽي ۾ اضافي جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بندرگاهي انفراسٽرڪچر جي توسيع ۽ جديدڪاري سان واپاري وهڪرو مضبوط ٿيندو ۽ پاڪستان جي وسيع تر معاشي ترقي ۽ سامونڊي واپار کي هٿي ملندي. صدر اسلام آباد ۾ اي ڊي پورٽس گروپ جي نمائنده آفيس قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ واپار جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ۽ ڪسٽمز سهولتڪاري جي قدمن تي گروپ جي تعاون کي ساراهيو. ان ملاقات ۾ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير پڻ شريڪ هئا.

مزید خبریں