اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي لاءِ بهترين طبي سهولتون مهيا ڪرڻ …
صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي لاءِ بهترين طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون ملڪ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهن. صدر چيو ته ٻاهرئين قوتن جي چوڻ تي ملڪ جو امن تباهه ڪندڙن کي ڪَر کڻڻ نه ڏينداسين.











