سپريم ڪورٽ پاران ايف بي آر طرفان مقرر قانوني مدت کان وڌي وڃڻ کانپوءِ جاري ڪيل ٽيڪس آرڊرز غير قانوني قرار

اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، فيڊرل بورڊ آف رونييو (ايف بي آر) مقرر قانوني مدت کان وڌي وڃڻ کانپوءِ جاري ڪيل ٽيڪس آرڊرز کي غير قانوني قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع تحت شوڪاز نوٽيس کان پوءِ 120 ڏينهن اندر آرڊر پاس ڪرائڻ لازمي شرط آهي جنهن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ اهڙي ڪارروائي قانونن برقرار نٿي رهي. سپريم ڪورٽ طرفان …

اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، فيڊرل بورڊ آف رونييو (ايف بي آر) مقرر قانوني مدت کان وڌي وڃڻ کانپوءِ جاري ڪيل ٽيڪس آرڊرز کي غير قانوني قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع تحت شوڪاز نوٽيس کان پوءِ 120 ڏينهن اندر آرڊر پاس ڪرائڻ لازمي شرط آهي جنهن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ اهڙي ڪارروائي قانونن برقرار نٿي رهي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري لکت واري فيصلي موجب جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي تي ٻَڌل 3 رڪني بينچ سي. پي. ايل. اي نمبر 2025/1990 جي ٻُڌڻيءَ کان پوءِ ايف بي آر جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ٻُڌايو. ڪيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اِن لينڊ روينيو راولپنڊي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي 10 مارچ 2025ع جي فيصلي کي چئلينج ڪيو هو. عدالتي فيصلي موجب ريجنل ٽيڪس آفيس راولپنڊي 15 نومبر 2023ع تي جواب ڏيندڙ عمر طارق خان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو جنهن ۾ 4 ملين رپين کان وڌيڪ جي مبينه قابل قبول اِن پٽ ٽيڪس جي وصولي جو الزام لاڳو ڪيو ويو جڏهن ته ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ آرڊر ان اوريجنل 20 مارچ 2024ع تي جاري ڪيو ويو جيڪو شوڪاز نوٽيس جي تاريخ کان مقرر 120 ڏينهن جي قانوني مدت کان وڌي ويو هو. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته ان نُڪتي تي قانون اڳ ئي ڪيترائي فيصلا ڏئي چڪي آهي جن ۾ ڪليڪٽر سيلز ٽيڪس جي نالي سپر ايشيا، ڊبليو اي ڪي لميٽيڊ ۽ عباسي انٽرپرائزز جا فيصلا شامل آهن جن موجب مقرر وقت اندر آرڊر پاس نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٽيڪس ڪارروائي پاڻمرادو غير مؤثر ٿي وڃي ٿي. عدالت واضح ڪيو ته ان فيصلن جي پابندي آئين جي آرٽيڪل 189 تحت ايف بي آر سميت سڀني سرڪاري اداري تي لازمي آهي، ان باوجود ايف بي آر طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر طئي ٿيل قانوني نُڪتي کي چئلينج ڪرڻ افسوسناڪ آهي. فيصلي ۾ سرڪاري کاتن طرفان بنا جواز اپيلون داخل ڪرڻ جي رجحان تي تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته ان عمل سان نه صرف عدالتن تي غير ضروري بار پوي ٿو پر عوامي وسيلا به ضايع ٿين ٿا. عدالت قرار ڏنو ته رياست کي هڪ ذميدار ڌُر طور ڪيسز وڙهڻ گهرجن. سپريم ڪورٽ اشارو ڏنو ته آئينده اهڙن معاملن ۾ عدالتي اپيلون شروعاتي مرحلي ۾ ئي رد ڪري سگهجن ٿيون ۽ ضرورت پوڻ تي خرچ لاڳو ڪرڻ سان گڏ لاڳاپيل آفيسرن جي ذميداري به تعين ڪري سگهجي ٿي. عدالت ايف بي آر جي چيئرمين کي مشورو ڏنو ته اپيل داخل ڪرڻ کان اڳ آزاد ۽ بااختيار جاچ ڪميٽيون جوڙيو وڃن جن ۾ رٽائرڊ جج، سينيئر ٽيڪس ماهر ۽ تجربيڪار آفيسر شامل هجن ته جيئن پهرين کان طئي ٿيل قانوني معاملن تي غير ضروري ڪيسن کان بچي سگهجي. عدالت ايف بي آر جي اپيل جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي درخواست رد ڪري ڇڏي.

مزید خبریں