سرڪاري خرچ تي پارلياماني وفد جي عمري يا حج تي وڃڻ بابت شايع ٿيلن خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي: قومي اسيمبلي جو ترجمان

اسلام آباد- 27 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته سرڪاري خرچ تي پارلياماني وفد جي عمري يا حج تي وڃڻ بابت شايع ٿيلن خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. قومي اسيمبلي جي ميمرن کي حج يا عمري جي ڪا سهولت حاصل ناهي ۽ نه ئي اها سهولت ڏئي سگهجي ٿي. اڱاري ڏينهن  قومي اسيمبلي جي ترجمان، هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو ته قومي اسيمبلي ۾ …

اسلام آباد- 27 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته سرڪاري خرچ تي پارلياماني وفد جي عمري يا حج تي وڃڻ بابت شايع ٿيلن خبرن ۾ ڪا صداقت نه آهي. قومي اسيمبلي جي ميمرن کي حج يا عمري جي ڪا سهولت حاصل ناهي ۽ نه ئي اها سهولت ڏئي سگهجي ٿي. اڱاري ڏينهن  قومي اسيمبلي جي ترجمان، هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو ته قومي اسيمبلي ۾ نومبر 2016ع ۾ منظور ٿيل قرارداد تحت هر سال قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو هڪ وفد ذاتي خرچ تي 12 ربيع الاول تي روزه رسول صلي الله عليه وسلم تي حاضري ڏئي ٿو. قرارداد جي روشني ۾ وفد جا سمورا ميمبر پنهنجو خرچ پاڻ برداشت ڪندا آهن، ايس او پيز تحت مذهبي معاملن واري وزارت صرف انتظامي معاملن لاءِ سهولت فراهم ڪري ٿي جنهن تحت وزارت به ڪي خرچ برداشت نٿي ڪري. سرڪاري خرچ تي ڪنهن به اهڙي دوري جي تجويز ڪنهن ميمبر جي ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن اهڙي تجويز جي منظوري نه ڏني وئي.

مزید خبریں