اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانمار سان واپار، معيشت، تعليم، ثقافت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميانمار جي پرڏيهي وزير يوٿان سوئي ملاقات ڪئي. نائب …
ميانمار سان واپار، معيشت، تعليم، ثقافت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانمار سان واپار، معيشت، تعليم، ثقافت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميانمار جي پرڏيهي وزير يوٿان سوئي ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم خاص طور تي انساني اسمگلنگ جي خلاف ڪارروائي ۾ ميانمار جي تعاون ۽ پاڪستان جي آسيان سان رابطن جي فروغ جي لاءِ ميانمار جي حمايت کي ساراهيو. ميانمار جي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ميانمار جي قيادت پاران نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جا پيغام پهچائيندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن جي فروغ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ميانمار جي پرڏيهي وزير گذريل سال 28 مارچ تي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ پاڪستان جي وقت امداد تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.











