حيدرآباد-27 جنوري(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام جي ميزباني هيٺ پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان ريسلنگ فيڊريشن جي سهڪار سان انڊر - 17 ۽ انڊر - 19 سنڌ ريسلنگ چيمپئين شپ يونيورسٽي جي مير قائم علي خان ٽالپر اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن سان تعلق رکندڙ رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ ريسلنگ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ انڊر- 17 ۽ انڊر- 19 سنڌ ريسلنگ چيمپئين شپ جو اهتمام

مزید خبریں
حيدرآباد-27 جنوري(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام جي ميزباني هيٺ پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان ريسلنگ فيڊريشن جي سهڪار سان انڊر – 17 ۽ انڊر – 19 سنڌ ريسلنگ چيمپئين شپ يونيورسٽي جي مير قائم علي خان ٽالپر اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن سان تعلق رکندڙ رانديگرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ ريسلنگ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري انوار حسين خانزادي ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ڊويزن سطح تي مقابلا ڪرايا پيا وڃن، جنهن کان پوءِ ڪامياب رانديگرن وچ ۾ سنڌ چيمپئين شپ منعقد ڪئي پئي وڃي، چيمپئين شپ جي نتيجن موجب انڊر- 17 مقابلي ۾ 30 ڪلوگرام ۾ تحسين قاسمي، 35 ڪلوگرام ۾ محمد عثمان (حيدرآباد)، 40 ڪلوگرام ۾ عبدالله (حيدرآباد)، 45 ڪلوگرام ۾ فرحان (لاڙڪاڻو) ۽ 50 ڪلوگرام ۾ نصيرالله (لاڙڪاڻو) پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. انڊر – 19 مقابلي ۾ 57 ڪلوگرام ۾ محمد جواد (ڪراچي)، 61 ڪلوگرام ۾ فهيم خان (ڪراچي)، 65 ڪلوگرام ۾ ذوالفقار (ڪراچي)، 70 ڪلوگرام ۾ عبدالله (حيدرآباد)، 75 ڪلوگرام ۾ مهتشم (حيدرآباد)، 79 ڪلوگرام ۾ سيد احمد (ڪراچي)، 86 ڪلوگرام ۾ ماشاءَ الله (حيدرآباد) جڏهن ته 125 ڪلوگرام ۾ علي ڏنو (لاڙڪاڻو) ڪاميابي حاصل ڪئي. ھن چئمپئين شپ مان ڪامياب ريسلرز ايندڙ نيشنل ريسلنگ چيمپئين شپ ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندا. تقريب کي خطاب ڪندي مهمانِ خاص وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پاڪستان آرمي کي راندين جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اهڙا مقابلا نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌ جا رانديگر مستقبل ۾ نه صرف صوبي پر سڄي پاڪستان جو نالو روشن ڪندا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي راندين جا مقابلا ڪرائڻ ۽ سنڌ ۾ راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. ان موقعي تي نيشنل ريفري زين بٽ، عبدالله (نمائندو پاڪستان آرمي)، سيڪريٽري اقبال، محمد حسن، رفيق پهلوان، شاڪر پهلوان، مراد پهلوان، حبيب پهلوان، آصف پهلوان، شوڪت سانگي ۽ ٻيا موجود هُئا.











