گڏيل قومون -27 جنوري (اي پي پي)گڏيل قومن جي اميگريشن واري اداري خراب موسم سبب رومي سمنڊ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي ٻڏي فوت ٿيڻ يا گم ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو آهي، ته حتمي فوتگين جو تعداد ڪافي وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. اداري چيو ته تيونس ويجهو ٻڏي ويل هڪ ٻيڙي ۾ سوار 3 ماڻهن جي موت جي …
رومي سمنڊ ۾ طوفان سبب ڪيتريون ئي ٻيڙيون لاپتا، ڪيترن ئي پرڏيهين جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون -27 جنوري (اي پي پي)گڏيل قومن جي اميگريشن واري اداري خراب موسم سبب رومي سمنڊ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي ٻڏي فوت ٿيڻ يا گم ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو آهي، ته حتمي فوتگين جو تعداد ڪافي وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. اداري چيو ته تيونس ويجهو ٻڏي ويل هڪ ٻيڙي ۾ سوار 3 ماڻهن جي موت جي تصديق ٿي چڪي آهي جن ۾ 9 سالن جون ٻه جاڙيون ڀينرون به شامل آهن جڏهن ته سندن والده کي بچايو ويو آهي. اهڙي واقعي ۾ هڪ ٻيو شخص به فوت ٿيو آهي. ان ئي ٻيڙي تي سوار ٻين بچي ويل ماڻهن جو چوڻ آهي ته ساڻن گڏ هڪ ٻي ٻيڙي به رواني ٿي هئي، پر اها گم ٿي وئي آهي ۽ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ان سان ڪهڙو واقعو پيش آيو آهي. اداري پاران ان ٻيڙي جي ٻڏڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. اداري جو چوڻ آهي ته گذريل 10 ڏينهن دوران سمنڊ ۾ شديد طوفان آيو ۽ اهو حتمي امڪان موجود آهي ته اهڙيون ڪيتريون ئي ٻيڙيون طوفان جي لپيٽ ۾ اچڻ بعد گم ٿي ويو آهن جن تي وڏي تعداد م ماڻهو سوار هئا جڏهن ته خراب موسم سبب انهن جي ڳولا جي ڪم ۾ به ڪافي رڪاوٽون اچي رهيون آهن ۽ انهن جو اڃا تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. اداري موجب مالٽا ويجهو هڪ واپاري جهاز جي عملي ڪجهه ماڻهن کي بچايو آهي. ان ئي هنڌ بابت خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اتي 50 ماڻهو فوت يا گم به ٿيا آهن. اهڙي طرح لبيا جي علائقي توبروڪ ويجهو هڪ ٻيڙي ٻڏڻ سبب 51 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي. اداري جي انگن اکرن موجب 2025ع دوران رومي سمنڊ جي وچين حصي ۾ هڪ هزار 340 ماڻهو ٻڏي فوت ٿيا آهن. ياد رهي ته ٽين دنيا جي ملڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهو انساني اسمگلرز جي هٿان غيرقانوني طور تي سامونڊي رستي يورپ وڃڻ جون ڪوششون ڪن ٿا جنهن دوران اڪثر اهڙا واقعا پيش اچن ٿا ۽ ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويهن ٿا.











