شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽورنامينٽ جو ايڊيشن منعقد ڪرڻ جو اعلان

شارجه - 26 جنوري (اي پي پي) امارات جي ڪرڪيٽ بورڊ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڊيفانيوز ڊي - 10 ٽورنامينٽ جو ھڪ ٻيو سنسني خيز ايڊيشن منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، جيڪو 26 جنوري سومر کان 7 فيبروري 2026ع تائين جاري رھندو. امارات ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان مطابق اھو ٽورنامينٽ ڀارت ۾ فين ڪوڊ جڏھن ته دنيا جي ٻين حصن ۾ اسپورٽس آءِ ٽي وي تي سڌيءَ ريت ھلايو …

شارجه – 26 جنوري (اي پي پي) امارات جي ڪرڪيٽ بورڊ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڊيفانيوز ڊي – 10 ٽورنامينٽ جو ھڪ ٻيو سنسني خيز ايڊيشن منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، جيڪو 26 جنوري سومر کان 7 فيبروري 2026ع تائين جاري رھندو. امارات ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان مطابق اھو ٽورنامينٽ ڀارت ۾ فين ڪوڊ جڏھن ته دنيا جي ٻين حصن ۾ اسپورٽس آءِ ٽي وي تي سڌيءَ ريت ھلايو ويندو. 2020ع ۾ شروعات کانپوءِ ڊي ايونٽس يو اي اي جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ڪيلينڊر جو ھڪ اھم حصو بڻجي چڪو آھي، جيڪو ملڪ جي بھترين ڪرڪيٽ ٽيلينٽ کي اعليٰ سطح تي پنھنجي صلاحيتن جي اظھار جو موقعو فراھم ڪري ٿو. ان ٽورنامينٽ ۾ 7 اهم ٽيمون شرڪت ڪنديون، جن ۾ شارجه، دبئي، عمان، ابوظھبي، فجيره، ايمريٽس بليوز ۽ ايمريٽس ريڊز شامل آھن. ٽورنامينٽ دوران مجموعي طور 44 ميچون کيڏيون وينديون. ليگ مرحلي جي پڄاڻي تي پوائنٽس ٽيبل تي سرفھرست 4 ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪنديون، جنھن کانپوءِ فائنل ذريعي ٽورنامينٽ جي پڄاڻي ٿيندي. ڊي – 10 ٽورنامينٽ گذريل سال ۾ شاندار ۽ سنسني خيز مقابلن سبب مقبوليت حاصل ڪري چڪو آھي. جولاءِ 2020ع ۾ ايمريٽس بليوز، مارچ 2021ع ۾ شارجه، ڊسمبر 2021ع ۽ مئي 2023ع ۾ فجيره، ڊسمبر 2023ع ۽ مئي 2025ع ۾ ابوظھبي، مئي 2024ع ۾ ايمريٽس ريڊز ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ ھڪ ڀيرو  ٻيھر فجيره ٽائيٽل پنھنجي نالي ڪيو.

مزید خبریں