آنڌرا پرديش-26 جنوري (اي پي پي) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي - ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جو چوٿون ميچ 28 جنوري تي اي سي اي وي ڊي سي اي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم وشاکاپٽنم ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڀارت کي مهمان نيوزيلينڊ خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ون ڊي …
ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جو چوٿون ميچ 28 جنوري تي کيڏيو ويندو

مزید خبریں
آنڌرا پرديش-26 جنوري (اي پي پي) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جو چوٿون ميچ 28 جنوري تي اي سي اي وي ڊي سي اي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم وشاکاپٽنم ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڀارت کي مهمان نيوزيلينڊ خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ مهمان ٽيم ميزبان ڀارتي ٽيم کي 1-2 تان شڪست ڏني هئي. نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ڀارتي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ پنجن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي جنهن مان ون ڊي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ 5 ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جون ٽي ميچون کيڏجي چڪيون آهن. چوٿون ميچ 28 جنوري تي جڏهن ته پنجون ۽ آخري ميچ 31 جنوري تي کيڏيو ويندو.











