ميڊرڊ-26 جنوري (اي پي پي) دفاعي چيمپئن بارسلونا پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب هسپانوي فٽبال ليگ لاليگا جي پنهنجي 21 هين ميچ ۾ ريال اوويڊو کي آساني سان 0- 3 گول تان هارائي ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق بارسلونا جي ٽيم ريال اوويڊو جي ٽيم کي 0-3 گول تان هارائي ڪري اسپينش لاليگا ۾ 17 هين فتح حاصل ڪري ورتي. دفاعي چيمپيئن بارسلونا طرفان داني اولمو ، رافنها ۽ لامين يمل …
اسپينش لاليگا ۾ بارسلونا ريال اوويڊو کي 0-3 گول تان هارائي ڇڏيو

مزید خبریں
ميڊرڊ-26 جنوري (اي پي پي) دفاعي چيمپئن بارسلونا پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب هسپانوي فٽبال ليگ لاليگا جي پنهنجي 21 هين ميچ ۾ ريال اوويڊو کي آساني سان 0- 3 گول تان هارائي ڇڏيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق بارسلونا جي ٽيم ريال اوويڊو جي ٽيم کي 0-3 گول تان هارائي ڪري اسپينش لاليگا ۾ 17 هين فتح حاصل ڪري ورتي. دفاعي چيمپيئن بارسلونا طرفان داني اولمو ، رافنها ۽ لامين يمل هڪ ، هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . اها بارسلونا جي ليگ ۾ 17 هين فتح آهي ۽ ان ڪاميابي بعد فاتح قيمتي 3 پوانٽس حاصل ڪرڻ سان گڏ ٽيبل تي پنهنجي پهرين پوزيشن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي ڇڏيو. اسپينش ليگ لاليگا جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو اسپين ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فٽبال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن .











