پي سي بي آسٽريليا خلاف ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز کيڏڻ لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور-23 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف 3 ميچن تي ٻَڌل ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪندو. اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي ٽي 20 انٽرنيشنل ٽيم ۾ واپسي ٿي وئي آهي جنهن سان اسڪواڊ ۾ مضبوطي ملي آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽنهي ٽي …

لاهور-23 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف 3 ميچن تي ٻَڌل ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪندو. اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جي ٽي 20 انٽرنيشنل ٽيم ۾ واپسي ٿي وئي آهي جنهن سان اسڪواڊ ۾ مضبوطي ملي آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽنهي ٽي 20 ميچز جي شيڊول قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ رٿيل آهي. پهريون ميچ 29، ٻيو 31 جنوري، جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ميچ پهرين فيبروريءَ تي ٿيندي. آسٽريلوي ٽيم 28 جنوريءَ تي پاڪستان پهچندي. پاڪستاني ٽيم ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، فخر زمان، صائم ايوب، بابر اعظم، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، فهيم اشرف، محمد وسيم جونيئر، محمد سلمان مرزا، ابرار احمد، محمد نواز، عثمان طارق، خواجه محمد نافع، صاحبزاده فرحان ۽ عثمان خان شامل آهن.

مزید خبریں