ٽي 20 ورلڊ ڪپ بابت پي سي بي آفيشنل ميڊيا گروپ ۾ پنهنجو مؤقف شيئر ڪندو: پي سي بي ترجمان

لاهور-22 جنوري (اي پي پي) بنگلاديش طرفان ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا ميچز ڀارت ۾ نه ڪرائڻ جي فيصلي تي قائم رهڻ کانپوءِ پي سي بي طرفان به امڪاني بائيڪاٽ جي حوالي سان لوڪل ميڊيا ۾ مختلف خبرون سامهون اچي رهيون آهن، انهن خبرن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پي سي بي به ورلڊ ڪپ جي ميچز جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي غور ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ان حوالي …

لاهور-22 جنوري (اي پي پي) بنگلاديش طرفان ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا ميچز ڀارت ۾ نه ڪرائڻ جي فيصلي تي قائم رهڻ کانپوءِ پي سي بي طرفان به امڪاني بائيڪاٽ جي حوالي سان لوڪل ميڊيا ۾ مختلف خبرون سامهون اچي رهيون آهن، انهن خبرن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پي سي بي به ورلڊ ڪپ جي ميچز جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي غور ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي واضح ڪيو ته بورڊ اهڙين خبرن تي ڪنهن به قسم جو تبصرو نٿو ڪري سگهي. ترجمان جو چوڻ هو ته هن وقت پي سي بي طرفان ڪو حتمي فيصلو يا مؤقف سامهون ناهي آيو، ان لاءِ ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرن کي حقيقت نه سمجهيو وڃي. پي سي بي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو جيڪو به مؤقف يا فيصلو هوندو اهو باضابطه ۽ آفيشل طريقي سان آفيشل ميڊيا گروپ سان ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.

مزید خبریں