لاهور-22 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي طرفان ڀارت ۾ رٿيل ايندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت باوجود بنگلاديش پنهنجي مؤقف ۾ نرمي آڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ميچز سريلنڪا منتقل ڪرڻ جي مطالبي تي قائم آهي. ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي اسپورٽس ايڊوائيزر آصف نذرل، بي سي بي صدر امين الاسلام، سي اي او نظام الدين ۽ قومي ٽيم جي ڪيترن ئي …
آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ مهلت ڏيڻ باوجود بنگلاديش جو پنهنجي مؤقف ۾ نرمي آڻڻ کان انڪار، ميچز سريلنڪا منتقل ڪرڻ جي مطالبي تي قائم

مزید خبریں
لاهور-22 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي طرفان ڀارت ۾ رٿيل ايندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت باوجود بنگلاديش پنهنجي مؤقف ۾ نرمي آڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ميچز سريلنڪا منتقل ڪرڻ جي مطالبي تي قائم آهي. ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي اسپورٽس ايڊوائيزر آصف نذرل، بي سي بي صدر امين الاسلام، سي اي او نظام الدين ۽ قومي ٽيم جي ڪيترن ئي رانديگرن وچ ۾ ٿيل اجلاس کانپوءِ اهو فيصلو سامهون آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بنگلاديش کي 7 فيبروري کان شروع ٿيندڙ ٽورنامينٽ کان ٻاهر هئڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. بي سي بي جي صدر پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آءِ سي سي کي ٻيهر سريلنڪا ۾ ميچز کيڏڻ جو منصوبو پيش ڪيو ويندو، عالمي ادارو اهڙي طرح جا الٽيمٽم نٿو ڏئي سگهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بنگلاديش شرڪت نه ڪئي ته آءِ سي سي 20 ڪروڙ شوقينن کان محروم ٿي ويندي. اسپورٽس ايڊوائيزر واضح ڪيو ته ڀارت نه وڃڻ جو فيصلو حڪومت طرفان ڪيو ويو ۽ اميد آهي ته آءِ سي سي سريلنڪا ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏيندي. بنگلاديش گروپ سي ۾ انگلينڊ، اٽلي، ويسٽ انڊيز ۽ نيپال سان شامل ۽ ان کي شروعاتي ٽن ميچن کي ڪلڪته جڏهن ته آخري ميچ ممبئي ۾ کيڏڻي آهي. ويسٽ انڊيز خلاف 7 فيبروريءَ تي افتتاحي ميچ شيڊول آهي. آءِ سي سي هاڻوڪي بورڊ اجلاس ۾ سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ميچز سريلنڪا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي بنگلاديش جي حڪومت سان مشاورت لاءِ 24 ڪلاڪ ڏنا هئا. اهو تڪرار ان وقت شدت اختيار ڪري ويو جڏهن بي سي سي آءِ ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز کي بنگلاديش جي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل اسڪواڊ مان رليز ڪرڻ جي هدايت ڏني، جنهن کي بنگلاديش سيڪيورٽي خدشن سان جوڙيو، جڏهن ته آءِ سي سي ان مؤقف کي رد ڪندي چيو ته ڪنهن هڪ رانديگر جي ڊوميسٽڪ ليگ بابت معاملي جو ورلڊ ڪپ جي سيڪيورٽي يا شرڪت سان ڪو تعلق ناهي.











