رائپور _ 22 جنوري (اي پي پي ) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – 20 ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ جمعو 23 جنوري تي انٽر نيشنل اسٽيڊيم رائپور ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڀارت کي مهمان نيوزيلينڊ خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ميزبان ڪيوي ٽيم کي پهرين ٽي -20 ميچ ۾ 48 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ …
ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – 20 ميچن جي سيريز جو ٻيو ميچ 23 جنوري تي کيڏيو ويندو

مزید خبریں
رائپور _ 22 جنوري (اي پي پي ) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – 20 ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ جمعو 23 جنوري تي انٽر نيشنل اسٽيڊيم رائپور ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڀارت کي مهمان نيوزيلينڊ خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ميزبان ڪيوي ٽيم کي پهرين ٽي -20 ميچ ۾ 48 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ مهمان ڪيوي ٽيم ميزبان ٽيم کي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي ڀارت جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 03 ون ڊي ۽ 5 ٽي – 20 ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي جنهن ۾ ون ڊي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ 5 ٽي-20 ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي هڪ ميچ کيڏجي چڪي آهي . ٻي ٽي -20 ميچ 23 جنوري ، ٽين ميچ 25 جنوري، چوٿين ميچ 28 جنوري جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي-20 ميچ 31 جنوري تي کيڏي ويندي.











