مينز بگ بيش  ۾ هوبارٽ هريڪنز ۽ سڊني سڪسرز وچ ۾ چئلينج ميچ 23 جنوري تي کيڏيو ويندو

ڪينبرا _22 جنوري (اي پي پي) آسٽريليا ڪرڪيٽ  (سي اي ) جي اهتمام هيٺ مينز بگ بيش ليگ ٽي-20 جو 15 هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ جمعو 23 جنوري تي هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو . ليگ جي چئلينجر ميچ دفاعي چيمپئين هوبارٽ  هريڪنز ۽ سڊني سڪسرز جي ٽيمن وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ، سڊني …

ڪينبرا _22 جنوري (اي پي پي) آسٽريليا ڪرڪيٽ  (سي اي ) جي اهتمام هيٺ مينز بگ بيش ليگ ٽي-20 جو 15 هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ جمعو 23 جنوري تي هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو . ليگ جي چئلينجر ميچ دفاعي چيمپئين هوبارٽ  هريڪنز ۽ سڊني سڪسرز جي ٽيمن وچ ۾ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ، سڊني ۾ کيڏيو ويندو. دفاعي چيمپئين هوبارٽ هريڪنز  جا اڳواڻي ناٿن ايلس ڪندو جڏهن ته سڊني سڪسرز جي قيادت مورس هينرڪس ڪندو. بگ بيش ليگ مردن جي هڪ پيشيوراڻي ٽي -20 ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ آهي جنهن ۾ 8 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ٽورنامينٽ ۾ فائنل سميت ڪل 44 ميچون کيڏيون وينديون . ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ 25 جنوري 2026 ع تي کيڏي ويندي.

مزید خبریں