ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جو پهريون ميچ 21 جنوري تي کيڏيو ويندو

نئين دهلي-20 جنوري(اي پي پي) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي - 20 ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ 21 جنوري تي ناگپور ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ مهمان ڪيوي ٽيم ميزبان ڀارتي ٽيم کي سندن هوم گرائونڊ تي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. نيوزيلينڊ جي ٽيم کي پنهنجي ڀارتي …

نئين دهلي-20 جنوري(اي پي پي) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – 20 ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ 21 جنوري تي ناگپور ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ مهمان ڪيوي ٽيم ميزبان ڀارتي ٽيم کي سندن هوم گرائونڊ تي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. نيوزيلينڊ جي ٽيم کي پنهنجي ڀارتي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 03 ون ڊي ۽ پنج ٽي-20 ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي جنهن ۾ ون ڊي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته 5 ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 21 جنوري تي ناگپور ۾ پهرئين ميچ سان ٿيندي. ٻيو ٽي- 20 ميچ 23 جنوري، ٽيون ميچ 25 جنوري، چوٿون ميچ 28 جنوري جڏهن ته پنجون ۽ آخري ٽي-20 ميچ 31 جنوري تي ٿيروواناٿاپورام ۾ کيڏيو ويندو.

مزید خبریں