هوبارٽ-15 جنوري (اي پي پي)انگلينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ايماراڊوڪانو ڊبليو ٽي اي ٽور جي ايونٽ اي ايس بي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتاڻي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 23 ورهين جي برطانوي ٽينس اسٽار، سال 2021ع جي يو ايس اوپن ٽينس چيمپئين ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ايماراڊوڪانو کي پولينڊ جي ميگڊالينا فريچ خلاف عورتاڻي سنگلز …
ٽاپ سيڊڊ ايماراڊوڪانو هوبارٽ انٽرنيشنل اوپن ٽينس ويمنز سنگلز جي ڪوارٽر فائنل ۾ داخل

مزید خبریں
هوبارٽ-15 جنوري (اي پي پي)انگلينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ايماراڊوڪانو ڊبليو ٽي اي ٽور جي ايونٽ اي ايس بي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتاڻي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 23 ورهين جي برطانوي ٽينس اسٽار، سال 2021ع جي يو ايس اوپن ٽينس چيمپئين ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ايماراڊوڪانو کي پولينڊ جي ميگڊالينا فريچ خلاف عورتاڻي سنگلز مقابلن جي ٻي رائونڊ جي ميچ ۾ واڪ اوور ملي ويو ۽ هوءَ آساني سان ٽاپ ايٽ رائونڊ ۾ پهچي وئي. هلندڙ سال جي پهرين گرينڊ سلام کان اڳ ڊبليو ٽي اي ٽينس ٽورنامينٽ آسٽريليا جي شهر هوبارٽ ۾ جاري آهي جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.











