جنيوا-15 جنوري (اي پي پي)عالمي اولمپڪ ڪميٽي (آءِ او سي) اعلان ڪيو آهي ته سال 2028ع جي لاس اينجلس اولمپڪ گيمز جون ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي آهي آئي. آءِ او سي موجب ٽڪيٽن جي رجسٽريشن 18 مارچ تائين جاري رهندي جنهن دوران مداحن کي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ لاءِ ايل اي 28 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي رجسٽرڊ ٿي پنهنجو پروفائل ٺاهڻو پوندو. ڪاميابي سان رجسٽريشن …
لاس اينجلس اولمپڪس گيمز 2028ع جي ٽڪيٽن لاءِ رجسٽريشن جي شروعات

مزید خبریں
جنيوا-15 جنوري (اي پي پي)عالمي اولمپڪ ڪميٽي (آءِ او سي) اعلان ڪيو آهي ته سال 2028ع جي لاس اينجلس اولمپڪ گيمز جون ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي آهي آئي. آءِ او سي موجب ٽڪيٽن جي رجسٽريشن 18 مارچ تائين جاري رهندي جنهن دوران مداحن کي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ لاءِ ايل اي 28 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي رجسٽرڊ ٿي پنهنجو پروفائل ٺاهڻو پوندو. ڪاميابي سان رجسٽريشن مڪمل ڪندڙ شوقينن کي قرعه اندازي (ٽڪٽ ڊرا) ۾ شامل ڪيو ويندو جنهن تحت انهن کي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ لاءِ هڪ رينڊم ٽائم سلاٽ ڏنو ويندو. پهرين مرحلي ۾ 30 لک کان به وڌيڪ ٽڪيٽون وڪري لاءِ دستياب هونديون. آءِ او سي جو چوڻ آهي ته ٽڪيٽن جي قيمت 28 آمريڪي ڊالرن کان شروع ٿيندي جڏهن ته رجسٽرڊ اڪائونٽ وڌ کان وڌ 12 ٽڪيٽون خريد ڪري سگهندو. واضح رهي ته لاس اينجلس اولمپڪس 14 جولاءِ کان 30 جولاءِ 2028ع تائين منعقد ٿيندو جنهن لاءِ سڄي دنيا جي راندين جي مداحن ۾ اڳ ئي غير معمولي جوش ڏٺو پيو وڃي. انتظاميا موجب ان مرحليوار نظام جو مقصد ٽڪيٽن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ مداحن کي اولمپڪس ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي.











