ڀارت پاران پاڪستاني ڄاول آمريڪي فاسٽ بالر علي خان کي ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار، ٽورنامينٽ ۾ شرڪت غير يقيني ٿي وئي

نيويارڪ -14 جنوري (اي پي پي ) آمريڪا جي قومي ڪرڪٽ ٽيم جو پاڪستاني ڄاول فاسٽ بالر علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته ايندڙ آءِ سي سي مينز ٽي - 20 ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت جو ويزا رد ڪرڻ سبب ٽورنامينٽ ۾ سندس شرڪت غير يقيني ٿي وئي آهي. ٽورنامينٽ جي شروعات ۾ هڪ مهيني کان به گهٽ وقت رهجي ويو آهي، علي خان انسٽا گرام اسٽوري ذريعي ان اڳڀرائي …

نيويارڪ -14 جنوري (اي پي پي ) آمريڪا جي قومي ڪرڪٽ ٽيم جو پاڪستاني ڄاول فاسٽ بالر علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته ايندڙ آءِ سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت جو ويزا رد ڪرڻ سبب ٽورنامينٽ ۾ سندس شرڪت غير يقيني ٿي وئي آهي. ٽورنامينٽ جي شروعات ۾ هڪ مهيني کان به گهٽ وقت رهجي ويو آهي، علي خان انسٽا گرام اسٽوري ذريعي ان اڳڀرائي جي تصديق ڪئي، جتان هن هڪ تصوير سان گڏ ڪيپشن لکيو آهي “India visa denied but kfc for the win” . ان صورتحال کي آمريڪي ٽيم لاءِ هڪ وڏو نقصان سمجهي پيو وڃي ڇاڪاڻ ته گروپ اي جون سموريون ميچون ڀارت ۾ شيڊول آهن. علي خان آمريڪي بولنگ اٽيڪ جو اهم رانديگر تصور ڪيو ويندو آهي، سندس عدم دستيابي جي صورت ۾ ٽيم مينيجمنٽ کي آخري وقت ۾ اسڪواڊ ۾ تبديلين تي مجبور ٿيڻو پوندو .

مزید خبریں