ايڇ بي ايل، پي ايس ايل ۾ 2 نَون فرنچائيزز جي شموليت ليگ کي هڪ نئين طاقت، نئون جوش ۽ـ عالمي سطح تي وڌيڪ وقار عطا پيدا ڪيو آهي: محسن نقوي

لاهور-09 جنوري (اي پي پي) پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ رقم ڪري ڇڏي ۽ ثابت ڪري ڇڏيو ته هي ليگ صرف ڪرڪيٽ نه پر پوري قوم جي جذبن ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جي علامت بڻجي چڪي اهي. ايڇ بي ايل، پي ايس ايل ۾ 2 نَون فرنچائيزز جي شموليت ليگ کي هڪ نئين طاقت، نئون جوش ۽ …

لاهور-09 جنوري (اي پي پي) پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ رقم ڪري ڇڏي ۽ ثابت ڪري ڇڏيو ته هي ليگ صرف ڪرڪيٽ نه پر پوري قوم جي جذبن ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جي علامت بڻجي چڪي اهي. ايڇ بي ايل، پي ايس ايل ۾ 2 نَون فرنچائيزز جي شموليت ليگ کي هڪ نئين طاقت، نئون جوش ۽ عالمي سطح تي وڌيڪ وقار عطا ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ جي آمد کانپوءِ پي ايس ايل هاڻ 8 ٽيمن تي ٻَڌل هڪ مضبوط ۽ مڪمل ليگ بڻجي وئي آهي. فرنچائيز نيلاميءَ جي عمل ۾ نون وڏن سيڙپڪارن شرڪت ڪئي. پي ايس ايل جي وڌندڙ مقبوليت ۽ ڪمرشل اهميت کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. نيلاميءَ جي پهرين رائونڊ ۾ ايف ڪي ايس گروپ حيدرآباد ٽيم کي هڪ ارب 75 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو جڏهن ته ٻئي رائونڊ ۾ او زيڊ گروپ سيالڪوٽ جي ٽيم کي هڪ ارب 85 ڪروڙ رپين ۾ حاصل ڪري  پي ايس ايل جي تاريخ جي مهانگي ترين فرنچائيز بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. هن چيو ته ڪامياب نيلاميءَ کانپوءِ پي ايس ايل جي ڪمرشل ويليو ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي جنهن کي پاڪستان ڪرڪيٽ جي ماهرن وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. هن اڳڀرائي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته پي ايس ايل عالمي سطح تي هڪ مضبوط برانڊ بڻجي چڪي آهي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌي رهيو آهي. محسن نقوي چيو ته حيدرآباد ۽ـ سيالڪوٽ جي شموليت پي ايس ايل کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي ۽ ليگ جي عالمي حيثيت ۾ نمايان واڌ ٿيندي. سندس چوڻ هو ته هي ڪاميابي پاڪستان ڪرڪيٽ تي وڌندڙ اعتماد جو واضح ثبوت آهي. پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير چيو ته نيون ٽيمون ڪرڪيٽ جي شوقينن جي جذبي ۽ جوش کي وڌائينديون ۽ ليگ کي وڌيڪ دلچسپ ۽ سنسني خيز بڻائينديون.

مزید خبریں