جنيوا-09 جنوري(اي پي پي)فٽبال جي عالمي تنظيم(فيفا) اعلان ڪيو آهي ته ورلڊ ڪپ 2026ع جي ڪوريج کي وڌيڪ بهتر ۽ جديد بنائڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ سان هڪ اهم معاهدو طئي ڪيو ويو آهي. فيفا موجب ان حصيداري تحت ٻنهي ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ ضم ٿيڻ جي نئين سطح قائم ٿيندي جنهن سان ٽڪ ٽاڪ فٽ بال ورلڊ ڪپ دوران مداحن لاءِ وڌيڪ منفرد مواد پيش …
فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جي ڪوريج کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ لاءِ فيفا ۽ ٽڪ ٽاڪ وچ ۾ معاهدو

مزید خبریں
جنيوا-09 جنوري(اي پي پي)فٽبال جي عالمي تنظيم(فيفا) اعلان ڪيو آهي ته ورلڊ ڪپ 2026ع جي ڪوريج کي وڌيڪ بهتر ۽ جديد بنائڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ سان هڪ اهم معاهدو طئي ڪيو ويو آهي. فيفا موجب ان حصيداري تحت ٻنهي ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ ضم ٿيڻ جي نئين سطح قائم ٿيندي جنهن سان ٽڪ ٽاڪ فٽ بال ورلڊ ڪپ دوران مداحن لاءِ وڌيڪ منفرد مواد پيش ڪري سگهندو. ان معاهدي کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ کي ميگا ايونٽ دوران مداحن ۽ مواد تخليق ڪندڙن لاءِ مرڪزي پليٽ فارم جي حيثيت حاصل ٿي ويندي. فيفا موجب ٻنهي ادارن ان کان اڳ سال 2023ع ۾ وومينز فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ به گڏجي ڪم ڪري چڪا آهن جنهن دوران ٽڪ ٽاڪ تي ورلڊ ڪپ بابت مواد کي اربين ڀيرا ڏٺو ويو هيو. نئين معاهدي تحت ٽڪ ٽاڪ کي فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ميچن جا چونڊ حصا سڌيءَ ريت ڏيکارڻ، خصوصي ڪلپس نشر ڪرڻ ۽ فيفا پاران تيار ڪيل خصوصي مواد تائين رسائي حاصل ٿي سگهندي. ان کان سواءِ فيفا پهريون ڀيرو هڪ ڪريئٽر پروگرام به متعارف ڪرائيندو جنهن ذريعي سڄي دنيا جا چونڊ ٽڪ ٽاڪ ڪريئيٽرز کي پڙدي پٺيان سرگرمين تائين رسائي ڏني ويندي جنهن ۾ پريس ڪانفرنس ۽ ٽيمن جا تربيتي سيشنز شامل هوندا. فيفا اڳواڻن موجب اها شراڪت داري نه رڳو ورلڊ ڪپ جي ڊجيٽل موجودگي کي مضبوط بڻائيندي ۽ مداحن کي فٽبال جي عالمي ميلي سان جوڙڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي.











