يونائيٽڊ ٽينس ڪپ، سوئٽزرلينڊجي ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

پرٿ-08 جنوري (اي پي پي) ايسوسي ايشن آف ٽينس پروفيشنلز (اي ٽي پي) ۽ وومينز ٽينس ايسو سي ايشن (ڊبليو ٽي اي) جي اهتمام هيٺ آسٽريليا ۾ جاري يونائيٽڊ ڪپ ۾ سوئٽزرلينڊ جي ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچي وئي. سوئٽزرلينڊ جي ٽيم ارجنٽائن جي ٽيم کي 2-1 تان هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. آسٽريليا جي چار مختلف شهرن پرٿ، اولهه آسٽريليا، سڊني ۽ نيو سائوٿ ويلز ۾ شروع …

پرٿ-08 جنوري (اي پي پي) ايسوسي ايشن آف ٽينس پروفيشنلز (اي ٽي پي) ۽ وومينز ٽينس ايسو سي ايشن (ڊبليو ٽي اي) جي اهتمام هيٺ آسٽريليا ۾ جاري يونائيٽڊ ڪپ ۾ سوئٽزرلينڊ جي ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچي وئي. سوئٽزرلينڊ جي ٽيم ارجنٽائن جي ٽيم کي 2-1 تان هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. آسٽريليا جي چار مختلف شهرن پرٿ، اولهه آسٽريليا، سڊني ۽ نيو سائوٿ ويلز ۾ شروع ٿيل پنهنجي نوعيت جي چوٿين ٽورنامنٽ ۾ 18 مختلف ملڪن جون ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ آهن، جن کي 6 مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر گروپ ۾ ٽن، ٽن ٽيمن کي رکيو ويو آهي. گروپ اي ۾ دفاعي چيمپيئن آمريڪا، اسپين ۽ ارجنٽائن شامل آهن، گروپ بي ۾ ڪيناڊا، بيلجيئم ۽ چين  کي رکيو ويو آهي، گروپ سي ۾ اٽلي، فرانس ۽ سوئٽزرلينڊ کي رکيو ويو آهي، گروپ ڊي ۾ آسٽريليا، جهموريه چيڪ ۽ ناروي شامل آهن. گروپ اي ۾ انگلينڊ، شام ۽ جاپان جون ٽيمون شامل آهن. اهڙي طرح گروپ ايف ۾ جرمني، پولينڊ ۽ نيدرلينڊز کي رکيو ويو آهي. يونائيٽد ڪپ عالمي آئوٽ ڊور هارڊ ڪورٽ مينز اينڊ وومينز ٽينس ٽورنامنٽ آهي. آر اي سي ايريناڪين روزوال ايرينا ۾ 2 جنوري کان شروع ٿيل ٽورنامنٽ 11 جنوري 2026ع تي ختم ٿيندو.

مزید خبریں