هراري-06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان زمبابوي کي فائنل ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ملڪي انڊر 19 ڪرڪيٽ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. فيصلائتي مقابلي ۾ پاڪستان 159 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 16.2 اوورز ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. فائنل جو هيرو سمير منهاس رهيو، جنهن 51 بالن تي 5 ڇڪا ۽ 17 چؤڪن جي مدد سان 114 رنسون ٻنايون. هن صرف 42 …
پاڪستان زمبابوي کي فائنل ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ملڪي انڊر 19 ڪرڪيٽ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

مزید خبریں
هراري-06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان زمبابوي کي فائنل ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ملڪي انڊر 19 ڪرڪيٽ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. فيصلائتي مقابلي ۾ پاڪستان 159 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 16.2 اوورز ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. فائنل جو هيرو سمير منهاس رهيو، جنهن 51 بالن تي 5 ڇڪا ۽ 17 چؤڪن جي مدد سان 114 رنسون ٻنايون. هن صرف 42 بالن تي سينچري مڪمل ڪري يوٿ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سينچري جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. محمد شيان 38 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ زمبابوي اندر 19 ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 44.4 اوورز ۾ 158 رنسن تي ڍير ٿي وئي. مائيڪل بلڪناٽ 60 رنسن سان نمايان رهيو. پاڪستان طرفان عمر زيب 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ مخالف ٽيم کي گهٽ اسڪور تائين محدود رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سمير منهاس کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.











