لاهور-01 جنوري (اي پي پي) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مختلف فارميٽس وارين ٽيمن لاءِ سال 2025ع مثبت ڪارڪردگيءَ سان مڪمل ٿيو. پي سي بي جي ترجمان موجب 2025ع ۾ پاڪستاني ٽيم 56 عالمي ميچون کيڏيون، 30 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي طرح 29 سالن کانپوءِ آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي جي ميزباني ڪري وڏو اعزاز حاصل ڪيو. نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا سان ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي ڪامياب ميزباني …
سال 2025ع ۾ پاڪستاني قومي ٽيم 56 عالمي ميچون کيڏيون، 30 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي ميزبانيءَ جو اعزاز حاصل ڪيو

مزید خبریں
لاهور-01 جنوري (اي پي پي) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مختلف فارميٽس وارين ٽيمن لاءِ سال 2025ع مثبت ڪارڪردگيءَ سان مڪمل ٿيو. پي سي بي جي ترجمان موجب 2025ع ۾ پاڪستاني ٽيم 56 عالمي ميچون کيڏيون، 30 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي طرح 29 سالن کانپوءِ آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي جي ميزباني ڪري وڏو اعزاز حاصل ڪيو. نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا سان ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي ڪامياب ميزباني ڪئي. ترجمان موجب زمبابوي ۽ سريلنڪا سان ٽه ملڪي ٽي – 20 انٽرنيشنل سيريز سان پاڪستان جي ميزبانيءَ جي صلاحيت وڌيڪ ثابت ٿي. ٽي – 20 ٽيم 2025ع ۾ رڪارڊ 34 ميچون کيڏيون ۽ 21 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سلمان علي آغا جي اڳواڻيءَ ۾ بنگلاديش، ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي – 20 سيريزون کٽيون. اهڙيءَ طرح پاڪستان افغانستان، يو اي اي، زمبابوي ۽ سريلنڪا خلاف 2 ٽراءِ سيريز ٽائٽلز کٽيا. صاحبزاده فرحان 2025ع ۾ ٽي – 20 انٽرنيشنل ۾ 771 اسڪور ڪيو ۽ محمد نواز ٽي – 20 انٽرنيشنل ۾ 36 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته عثمان طارق ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي ٽي – 20 انٽرنيشنل هيٽ ٽرڪ پنهنجي نالي ڪئي. اهڙيءَ طرح ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا خلاف سيريزون کٽيون. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا خلاف هوم سيريز برابر ڪيون. شان مسعود ٽيسٽ ميچن ۾ 397 رنسن سان نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري. ڊولپمينٽ ليول تي پاڪستان جي شاهينز ۽ انڊر 19 ٽيمن نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. ترجمان موجب پاڪستاني شاهينز رائيزنگ اسٽارز ايمرجنگ ايشيا ڪپ کٽيو. پاڪستان انڊر 19 ٽيم ڀارت کي فائنل ۾ شڪست ڏئي انڊر 19 ايشيا ڪپ کٽي ورتو. پاڪستان هانگ ڪانگ سپر 6 ٽورنامينٽ به کٽيو. پي سي بي جي عهديدارن ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد جو چوڻ هو ته وڌيڪ ٽي- 20 ۽ انٽرنيشنل ميچز سان پاڪستان جي ٽيم مضبوط ٿي ۽ بطور سليڪٽر مان مطمئن آهيان.











