پاڪستان 2025ع ۾ 5 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، ٻن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي

لاهور-31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سال 2025ع ۾ 5 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ۽ ٻن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستاني ٽيم ڏکڻ آفريقا خلاف 2025ع ۾ 03 ٽيسٽ ميچون کيڏيون جن مان آڪٽوبر ۾ کيڏيل ميچ پاڪستان 93 رنسن تان کٽي  جڏهن ته 20 کان 24 آڪٽوبر تي کيڏيل ميچ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 8 وڪيٽن تان کٽي. جنوري ۾ کيڏيل ميچ  ۾ ڏکڻ آفريقا 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل …

لاهور-31 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سال 2025ع ۾ 5 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ۽ ٻن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستاني ٽيم ڏکڻ آفريقا خلاف 2025ع ۾ 03 ٽيسٽ ميچون کيڏيون جن مان آڪٽوبر ۾ کيڏيل ميچ پاڪستان 93 رنسن تان کٽي  جڏهن ته 20 کان 24 آڪٽوبر تي کيڏيل ميچ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 8 وڪيٽن تان کٽي. جنوري ۾ کيڏيل ميچ  ۾ ڏکڻ آفريقا 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ويسٽ انديز خلاف پاڪستاني ٽيم 2 ٽيسٽ ميچون کيڏيون جن مان هڪ ميچ ۾ گرين شرٽس ويسٽ انڊيز کي 120 رنسن تان شڪست ڏني جڏهن ته ٻي ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم ويسٽ انڊيز کي 127 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

مزید خبریں