فيفا ورلڊ ڪپ جي ٽڪيٽن جي طلب سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

جنيوا -30 ڊسمبر (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا اعلان ڪيو آهي، ته فيفا ورلڊڪپ 2026ع لاءِ هن وقت تائين 15 ڪروڙ کان وڌيڪ ٽڪيٽن جون درخواستون ملي چڪيون آهن. جيڪو فٽبال ورلڊڪپ جي تاريخ ۾ ٽڪيٽن جي طلب جو نئون رڪارڊ آهي، جيتوڻيڪ رينڊم سليڪشن ڊرا مرحلو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب 11 ڊسمبر کان ٽڪيٽن جي رينڊم سليڪشن مرحلي جي شروعات کان پوءِ …

جنيوا -30 ڊسمبر (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا اعلان ڪيو آهي، ته فيفا ورلڊڪپ 2026ع لاءِ هن وقت تائين 15 ڪروڙ کان وڌيڪ ٽڪيٽن جون درخواستون ملي چڪيون آهن. جيڪو فٽبال ورلڊڪپ جي تاريخ ۾ ٽڪيٽن جي طلب جو نئون رڪارڊ آهي، جيتوڻيڪ رينڊم سليڪشن ڊرا مرحلو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب 11 ڊسمبر کان ٽڪيٽن جي رينڊم سليڪشن مرحلي جي شروعات کان پوءِ 200 کان وڌيڪ ملڪن ۽ خطن جي شوقينن درخواستون جمع ڪرايون. اهو مرحلو 13 جنوري 2026ع تائين جاري رهندو. ياد رهي ته موجوده طلب 1930ع کان هن وقت تائين کيڏيل ورلدڪپ جي سمورن 22 ايڊيشنز جي 964 ميچن ۾ شريڪ ٿيندڙ مجموعي شوقينن جي تعداد کان 3.4 ڀيرا وڌيڪ آهي. واضح رهي ته فيفا ورلڊڪپ 2026ع جي شروعات 11 جنو کان ٿيندي جڏهن ته فائينل 19 جولاءِ تي کيڏيو ويندو. اهو ميگا ايونٽ ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي 16 شهرين ۾ منعقد ٿيندو. پهريون ڀيرو ورلڊڪپ ۾ 48 ٽيمون حصو وٺنديون ۽ مجموعي طور تي 104 ميچون کيڏيون وينديون.

مزید خبریں