سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5500 رپين جي لاٿ رڪارڊ

اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5500 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 70 هزار 162 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 5 هزار 500 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 70 هزار 162 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 4715 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 07 هزار 803 رپين مان گهٽجي 4 لک 03 هزار 088 رپيا ٿي ويو. جڏهن …

اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5500 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 70 هزار 162 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 5 هزار 500 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 70 هزار 162 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 4715 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 07 هزار 803 رپين مان گهٽجي 4 لک 03 هزار 088 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 73 هزار 833 رپين مان گهٽجي 3 لک 69 هزار 510 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 332 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 8075 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 284 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6923 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4533 ڊالر مان گهٽجي 4478 ڊالر ٿي وئي.

مزید خبریں