پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ ڳڻتي جوڳو قرار

اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪرسمس جي موقعي تي ڀڃ ڊاهه ۽ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ رياستي سرپرستي ۾ مهم اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۾ خوف ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري انهن واقعن جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي …

اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪرسمس جي موقعي تي ڀڃ ڊاهه ۽ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ رياستي سرپرستي ۾ مهم اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۾ خوف ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري انهن واقعن جو نوٽيس وٺي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي ڀارت ۾ ڪرسمس جي موقعي تي ڀڃ ڊاهه ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ڪرسمس جي موقعي تي تازي مذمت جوڳي ڀڃ ڊاهه جي واقعن، مسلمانن کي نشانو بڻائيندڙ رياستي سرپرستي ۾ هلندڙ مهم، جنهن ۾ انهن جي گهرن کي مسمار ڪرڻ ۽ بار بار هجوم پاران انهن جي قتل جون وارداتون شامل آهن، خاص طور تي محمد اخلاق سان پيش ايندڙ واقعو، جنهن ۾ رياستي ڏوهارين کي احتساب کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا، ان مسلمانن ۾ خوف ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اهڙن متاثرين جي فهرست افسوسناڪ طور تي ڊگهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري انهن واقعن جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت ۾ ڪمزور طبقن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.

مزید خبریں