مظفرآباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ اسپتال جو قيام کي ساراهيندي چيو آهي ته ڏکويل انسانيت جي خدمت کان وڌيڪ ڪو به ڪم ناهي، مريضن جي علاج لاءِ 24 ڪلاڪ سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن، انڪولوجي اينڊ ريڊيالوجي (ڪنور) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فيصل …
ڏکويل انسانيت جي خدمت کان وڌيڪ ڪو به ڪم ناهي، آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ اسپتال جو قيام سٺي ڳالهه آهي، مريضن جي علاج لاءِ 24 ڪلاڪ سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
مظفرآباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ اسپتال جو قيام کي ساراهيندي چيو آهي ته ڏکويل انسانيت جي خدمت کان وڌيڪ ڪو به ڪم ناهي، مريضن جي علاج لاءِ 24 ڪلاڪ سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن، انڪولوجي اينڊ ريڊيالوجي (ڪنور) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله ، امير مقام سميت وفاقي وزيرن کانسواءِ آزاد ڪشمير جي اسيمبلي ميمبر، پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جو چيئرمين ۽ فيڪلٽي جا ميبمرز به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته کيس خوشي آهي ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ۽ ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ آزاد ڪشمير ۾ به اسپتال قائم ڪئي وئي آهي، ان کان وڌيڪ انسانيت جي خدمت نٿي ٿي سگهي. پهرين آزاد ڪشمير جي مريضن کي سوين ميلن جو سفر ڪري ڏورانهن شهرن ڏانهن وڃڻو پوندو هو، جيڪو تڪليف ڏيندڙ ۽ مهانگو هو. هن اٽامڪ انرجي ڪميشن ۽ ايس پي ڊي کانسواءِ سرندي وارن ماڻهن ۽ ڊاڪٽرز جو به شڪريو ادا ڪيو جن هن اسپتال جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو پاڻ به ڪينسر جو مريض رهيو آهي، کيس مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو احساس آهي. ماڻهو هن مهانگي مريض جو علاج برداشت نٿا ڪري سگهن، هن هدايت ڪئي ته جديد وسيلن ۽ زريعن کي ڪتب آڻي هن مرض جو شڪار مريضن جو علاج ڪيو وڃي ۽ سموريون سهولتون 24 ڪلاڪ فعال رکيون وڃن. مريضن سان اهڙو رويو هجي جو کين حوصلو ملي ۽ انهن کي علاج لاءِ تڪليفن جو منهن نه ڏسڻو پوي. ان کان اڳ وزيراعظم اسپتال ۽ ميڊيڪل ڪاليج جو افتاح ڪيو. وزيراعظم اسپتال جي مختلف شعبن ۽ مشينري جو به معائنو ڪيو، هن مرض جي سڃاڻپ ۽ علاج جي سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ورتي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پهرين آزاد ڪشمير ۾ ڪينسر جي علاج جي ڪا به اسپتال موجود نه هئي ۽ مريض ڏورانهن علائقن کان سفر ڪري ٻين شهرن جور خ ڪندا هئا، هر سال ڪينسر جا هڪ هزار ۽ 10 هزار مريض فالو اپ لاءِ اسپتالن جو رخ ڪندا آهن، پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن جي چيئرمين راجا علي رضا انور پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ وزيراعظم جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته سڄي ملڪ ۾ ايٽمي توانائي ڪميشن جي ڪينسر جي علاج لاءِ 21 اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن جن مان هڪ وفاق، 6 پنجاب، 5 خيبرپختونخوا، 5 سنڌ، هڪ هڪ بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ آهي، ساليانو 10 لک مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي، 60 سيڪڙو مريض آخري اسٽيج تي هوندا آهن، ان اسپتال جي قيام سان مقامي سطح تي علاج ممڪن ٿيندو.










