لاهور -28 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. ڪرڪيٽ ٽيم 4 ۽ 5 جنوري 2026ع تي مرحليوار سريلنڪا رواني ٿيندي. سلمان علي آغا سريلنڪا خلاف پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪندو. وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين خواجه نافع کي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شاداب خان به ڪلهي جي سرجري کان …
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان

مزید خبریں
لاهور -28 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. ڪرڪيٽ ٽيم 4 ۽ 5 جنوري 2026ع تي مرحليوار سريلنڪا رواني ٿيندي. سلمان علي آغا سريلنڪا خلاف پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪندو. وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين خواجه نافع کي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شاداب خان به ڪلهي جي سرجري کان پوءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ واپس اچي ويو آهي. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز 7 جنوري، 9 ۽ 11 جنوري تي دمبولا ۾ کيڏي ويندي. ٽي ٽوئنٽي سيريز ورلڊڪپ اسڪواڊ جي چونڊ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا، عبدالصمد، ابرار احمد، فهيم اشرف، فخر زمان، خواجه محمد نافع ۽ محمد نواز شامل آهن. محمد سلمان مرزا، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، شاداب خان، عثمان خان ۽ عثمان طارق به اسڪواڊ ۾ شامل آهن.











