اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر شمشاد اختر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شمشاد اختر جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هوءِ ملڪ جي معيشت جي مشهور ماهر ۽ هڪ قابل، ديانتدار شخصيت هئي. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ ٻين اهم …
وزيراعظم شهباز شريف پاران اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر شمشاد اختر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر شمشاد اختر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شمشاد اختر جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هوءِ ملڪ جي معيشت جي مشهور ماهر ۽ هڪ قابل، ديانتدار شخصيت هئي. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ ٻين اهم قومي ۽ عالمي ادارن ۾ خدمتون انجام ڏئي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. وزيراعظم چيو ته مرحومه جون خدمتون ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ مالياتي شعبي جي بهتري لاءِ هميشه ياد رکيون وينديون. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي.










