لاڙڪاڻو-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18 سال گذري چڪا آهن، انهن قوتن، قاتلن ۽ دهشتگردن جي لاءِ سڀ کان وڏو جواب توهان آهيو، جيڪي هر سال پاڪستان جي چئني صوبن کان هتي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي پوري دنيا کي اِهو پيغام ڏيندا آهيو ته ڪالهه به بي بي بي زندهه هئي، اڄ به بي بي زنده آهي، اسان …
شهادت کي 18 سال گذري چڪا آهن، پر بي بي عوام جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18 سال گذري چڪا آهن، انهن قوتن، قاتلن ۽ دهشتگردن جي لاءِ سڀ کان وڏو جواب توهان آهيو، جيڪي هر سال پاڪستان جي چئني صوبن کان هتي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي پوري دنيا کي اِهو پيغام ڏيندا آهيو ته ڪالهه به بي بي بي زندهه هئي، اڄ به بي بي زنده آهي، اسان توهان جي ساٿ ۽ محبت جا شڪر گذار آهيون. هن ئي ساٿ ۽ محبت سان اسان کي طاقت ملندي آهي، اسان ان طاقت کي اسلام آباد کڻي وڃي توهان جي مسئلن جو حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اهڙو اظهار هن ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هڪ سال گذري چڪو آهي، اسان جڏهن هتي گڏ ٿياسين هئاسين،هن وقت پاڪستان ۽ توهان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ته مئي مهيني ۾ اسان جي فوج، ايئرفورس، نيوي ۽ پاڪستاني قوم ڀارت کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏني، اها ڪاميابي يقينن پوري پاڪستان جي ڪاميابي آهي، پاڪستان جي عوام جي ڪاميابي آهي، هن ڪاميابي کان پوءِ پاڪستان کي پوري دنيا ۾ مقبوليت ملي آهي. توهان سڀني کي خبر آهي ته هي ڪاميابي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قربانين کانسواءِ ناممڪن هجي ها. ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قربانين جي ڪري پاڪستان ايٽمي طاقت بڻيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ملي ۽ اسان پنهنجو دفاع ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري چين مان اُهي هوائي جهاز گهرايا جن ڀارت جا 6 ئي جهاز ڪيرائي هن جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سڀ کان وڌيڪ پاڪ چين دوستي جنهن جو بنياد شهيد قائد عوام وڌو ۽ ان کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو اڳتي کڻي هلي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري سي پيڪ جو بنياد رکي ان دوستي کي ڪٿان جو ڪٿان کڻي ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ڪاميابي حاصل ٿي چڪي آهي ، جيڪا اڃان تائين ڀارت هضم نه ڪري سگهيو آهي. اسان جي ملڪ جي فيلڊ مارشل جو نالو ٻڌي ڀارت جو مودي لڪي ۽ غائب ٿي ويندو آهي. دنيا جي وڏن وڏن فورمن، گڏيل قومن يا ٻين فورمن جتي ڀارت جو وزيراعظم وڃي وڏيون وڏيون تقريرون ڪري پاڪستان خلاف ڳالهائيندو هو، مئي جي ڪجهه راتين کان پوءِ ڀارت جو وزيراعظم غائب ٿي ويو. فوج، ايئرفورس، نيوي ۽ عوام جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، مان توهان کي ان تي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. پاڪستان جي اندر اندروني مسئلا توهان کان لڪيل ناهن، معاشي، دهشتگردي، سيڪيورٽي، سياسي بحران وارا مسئلا آهن، اسان جي ڪوشش آهي انهن بحرانن جو مقابلو ڪري پاڪستان جي عوام کي هنن مسئلن مان ڪڍون. ان لاءِ پارليامينٽ مان 27 هين آئيني ترميم منظور ڪرائي، پاڪستان جي پارليامينٽ ڪيتريون ئي ترميمون پاس ڪيون آهن پر 27 هين آئيني ترميم جي حوالي سان جيڪي ڪجهه اعتراض ۽ شڪايتون هيون.اهي حل ڪيو ويون، 18 هين ترميم جي تجويز اين ايف سي جي آئيني تحفظ، صوبن جي حقن موجب هئي، مان سمجهان ٿو ته اها توهان، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي تمام وڏي ڪاميابي آهي جو ان ترميم جي تڪراري شقن کي ڪڍيو ڇڏيو جن تي اعتراض هئا، جيڪي ترميمون پاڪستان جي فائدي ۽ توهان جي منشور جو حصو هيون انهن تي عمل درآمد ڪرايو، مان سمجهان ٿو ته هي اوهان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي آهي جو توهان سياسي ميدان ۾ صوبن جي حقن، اين ايف سي جي تحفظ کي بچائي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڻ مڪمل مشن کي مڪمل ڪري آئيني عدالت ٺاهي جنهن ۾ سڀني صوبن جي برابر نمائندگي هوندي ان کان وڌيڪ پيپلز پارٽي لاءِ ڇا هوندي، جيڪا ڳالهه قائد عوام شهيد ڀٽو جي شهادت کان ميثاق جمهوريت تائين چوندي رهي ته اسان کي آئيني عدالت ۽ آئيني فورم گهرجي جتي سمورن صوبن جي هڪ جيتري ۽ برابر نمائندگي هجي، جيڪا پيپلز پارٽي جي ڪاميابي آهي جو توهان 27 هين ترميم ۾ به اها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ان تي به مان توهان کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته جيسيتائين ملڪ ۽ وفاقي حڪومت جون معاشي مشڪلاتون آهن ان لاءِ به پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي پارٽي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو چئني صوبن جي زنجير هئي، پيپلز پارٽي صوبن ۽ وفاق جي لاءِ هميشه سنجيده سياست ڪندي پئي اچي. اسين سمجهون ٿا ته جيڪي وفاق جا مسئلا ۽ پريشانيون آهن اهي اسان جون آهن. اسان سمجهون ٿا ته هڪ فسڪل اسپيس جو مسئلو آهي، بحيثيت هڪ محب وطن مان به چاهيان ٿو هنن جي پريشانين کي ختم ڪريون. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي سياست ۽ تاريخ آهي، چئني صوبن جي زنجير هوندي، اسان مٿان وڏي ذميواري آهي ته صوبن جي حقن جي تحفظ ڪندي وفاق جي مسئلن کي ختم ڪريون. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته صوبن کان اختيار کسڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي بهتر ائين ٿيندو ته وفاقي حڪومت صوبن کي وڌيڪ ذميواريون ڏئي، اسان وڌيڪ ذميواريون کڻڻ لاءِ تيار آهيون ته جيئن اسان پاڪستان ۽ وفاق جي مسئلن کي ختم ڪريون. هن چيو ته وفاق تي ٽئڪس جي ذميواري آهي وفاق کي گهرجي ته صوبن سان ويهي صوبن کي وڌيڪ ذميواريون ڏئي ته هو وڌيڪ ٽئڪس گڏ ڪن، اسان وفاق جي معاشي مسئلن کي ضرور ختم ڪنداسين. هن چيو ته وفاق يا صوبن کي اِهي موقعا ڏيون ته وفاق مٿان الزام لڳي رهيا آهن ته توهان صوبن جا حق کسي ڌاڙو هڻي رهيا آهيو، اسان جو عزم آهي ته معاشي بحران ختم ڪريون، ان جو طريقو اِهو آهي ته صوبن کي وڌيڪ ذميواريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته گيپڪو، سيپڪو جهڙن ادارن جو بار وفاق کي پنهنجي ڪلهن تان هٽائڻ گهرجي جيڪي ذميواريون صوبن کي ڏنيون وڃن، انشاءَ الله اسان وفاق کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارينداسين. هن چيو ته حيدرآباد ۽ سکر جي عوام جي شڪايتن کي ختم ڪنداسين، پيپلز پارٽي وفاق سان گڏجي هنن مسئلن جو حل ڪڍندي. هن چيو ته اسان سڀني کي ملي ڪري پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته وفاقي حڪومت چوي پئي ته اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، مان پ پ پ جي ڪارڪنن کي چوندو پيو اچان خان صاحب جي دور ۾ مهانگائي جو مسئلو هو، هاڻي ڪافي بهتر ٿيو آهي، ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو آهي. عوام حڪومت جي دعويٰ کي نه ٿا مڃي، هو اسان کان پڇا ڪن ٿا ته هي معاشي ترقي اسان کي ڪڏهن محسوس ٿيندي ته واقعي معاشي ترقي ٿي رهي آهي. هن چيو ته حقيقت اِها آهي ته پاڪستان جي عوام لاءِ حڪومت ۾ ضرور بهتري آئي هوندي،هن جو چوڻ هو ته پاڪستان هن وقت تائين معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، پاڪستان ۾ معاشي بحران تي پ پ پ جا ڪارڪنن چئني صوبن مان آواز اٿاريندا رهيا آهن ته اسان اڄ ڏينهن تائين مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. عام ماڻهو مهانگائي سان وڙهي رهيو آهي، ان ۾ بجلي، گئس جا بل، راشن، دوائون، ٻارن جي تعليم، پيرسنن جي اعليٰ علاج هر شيءَ مهانگي ٿيندي پئي وڃي. ماڻهو پوري محنت ڪن ٿا پر پگهار پوري نه ٿي پوي، هي نه صرف مهانگائي جو مقابلو آهي پر خريداري جي صلاحيت جو مسئلو آهي. هن چيو ته عوام وٽ پيسو گهٽ ۽ ضرورتون وڌيڪ آهن، هي بحران نه صرف مهانگي جي نه پر هي گهر هلائڻ، علاج ڪرائڻ، عزت سان زندگي گذارڻ جا بحران آهن، پيپلز پارٽي ۾ اُها صلاحيت، نظريو، منشور آهي جيڪو عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍي سگهي ٿي. پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي جي مطابق جيڪي پاليسيون آڻيندي آهي جيڪي عوام دوست، غريب دوست سڏائي عوام جي مشڪلاتن کي ختم ڪري بار هٽائيندا آهن. هن جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري جو شروع ڪيل بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي غريب عورتن کي مالي مدد ملندي آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت تاريخي ٻوڏ کان پوءِ تاريخي ڪم شروع ڪندي بي گهر خاندانن لاءِ 20 لک پڪا گهر ٺاهي رهي آهي، انهن گهرن ۽ زمين جي مالڪي عورتن کي ڏئي رهيا آهيون. پاڪستان پيپلز پارٽي عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪري 20 لک ڪٽنبن جي مدد ڪري رهي آهي. عام ماڻهن جي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڇا ڪرڻ گهرجي، پيپلز پارٽي جي حڪومت 18 هين ترميم کان پوءِ طئي ڪيو ته اسان سنڌ صوبي ۾ عالمي صحت جي شعبي جو ڄار وڇائينداسين ۽ اسپتالن ۾ 100 سيڪڙو مفت علاج ٿيندو. اسان اهو چوڻ جي لائق ٿيا آهيون ته اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي، سکر سميت پوري سنڌ ۾ اهڙي نيٽ ورڪ جون اسپتالون آهن انهن جو نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا سان مقابلو آهي. هي واحد ادارو آهي جيڪو پوري پاڪستان ۾ دل جو مفت علاج فراهم ڪندو آهي. اين آءِ سي ايڇ، ٻارن جي لاءِ مفت ۽ ايمرجنسي چائلڊ لائيف، گمبٽ تعلقي ۾ اهڙو اسپتال قائم ڪيو ويو آهي جتي عالمي سطح جي اسپتال ۾ ڪينسر، دل، گڙن، بون ميرو جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي به ڪنهن به اسپتال ۾ اهڙيون سهولتون ناهن، اسان چاهيون ٿا ته عوام کي مفت علاج جون سهولتون ملن. هنن اسپتالن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ ٻين علائقن مان ماڻهو ايندا آهن جتي کين مفت علاج فراهم ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي مٿان فرض سمجهون ٿا ته غريبن جي مسئلن کي حل ڪيون، هي پاڪستان پيپلز پارٽي ئي آهي. هن چيو ته ٻوڏ آئي ته هاري ۽ آبادگار مشڪلاتن ۾ هئا، اسان وزيراعظم کي گذارش ڪئي ته توهان آءِ ايم ايف سان جيڪي شرط طئي ڪيا آهن انهن سان هارين ۽ آبادگارن کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، اسان وزيراعظم جا شڪر گذار آهيون، ۽ وزيراعظم زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته ٽئڪسن ۾ رليف ڏيو، مان وڏي وزير جو شڪرگذار آهيان جنهن هڪ ايڪڙ کان 25 ايڪڙ جي هارين ۽ آبادگارن کي ڀاڻ ۽ ٻين شين ۾ رليف ڏنو. حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪري. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ قائد عوام ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ مان آڪسفورڊ جهڙي اداري مان تعليم حاصل ڪئي. اسان سوچيو ته پٺپتي پيل علائقي جا نوجوان به اهڙن تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪن. هن چيو ته بلوچستان حڪومت اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آهي ته جيئن نوجوانن جي معاشي طور مدد ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍڻو آهي پر سياسي بحران مان پهريان ڪڍڻ لازمي آهي. هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جو سياسي وجود ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي شهيدن ۽ پ پ پ جيالن جي ڪري آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو آخري پيغام مفاهمت جو هو. شهيد بي بي پنهنجو آخري ڪتاب به مفاهمت تي لکيو، سياسي بحران مان نڪرڻ لاءِ اڄ نه ته سڀاڻي اسان کي ان قسم جي مفاهمت جي ضرورت پوندي، مفاهمت کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين ۽ سياسي قيادتن کي سياسي انتهاپسندي کي ڇڏڻو پوندو، سياسي ڪارڪنن کي واپس سياسي ڌارا ۾ آڻڻو پوندو. 9 مئي جهڙا حملا ڪن ٿا يا مختلف ادارن کي ڏينهون ڏينهن گاريون ڏين ٿا، اهي سڀ سياسي دائري ۾ ناهن هوندا، مان پيپلز پارٽي جي جيالن کان پڇا ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن نيب مون کي نوٽيس ڏئي ۽ صدر زرداري کي گرفتار ڪيو وڃي ته مان توهان کي چوان ها ته توهان ڪورڪمانڊر هائوس ۽ ڊفينس بيس تي حملو ڪيو ته ڇا اوهان ائين ڪيو ها؟ هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو پر اسان هميشه سياسي اختلاف ڪري مقابلو ڪيو ۽ ڪامياب ٿياسين اهو ئي ڪارڻ آهي ان کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻي. سياست جي دائري ۾ رهندي توهان ڏٺو شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان 30 سالن جي جدوجهد ڏسڻي آهي ته ڪهڙو ڪهڙو ظلم شهيد بي بي سان نه ٿيو،هن چيو ته 1986ع ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن لاهور ۾ دنيا جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو جنهن ۾ هڪ سياسي اڳواڻ جي لاءِ عوام گڏ ٿيو، اسان سياست جي دائري ۾ رهي مقابلو ڪيو. سياسي دائري ۾ نه رهڻو هجي ها ته شهيد بي بي چوي ها ته کيس انتقام گهرجي، انهن جو سر کڻي اچو، جنهن شهيد ڀٽو کي ڦاهي ڏني. اها پيپلز پارٽي جي سياست ناهي، اهڙي قسم جي سياست سان پاڪستان، عوام ۽ پنهنجي سياسي ڪارڪنن کي نقصان ٿيندو آهي. هن چيو ته شهيد بي بي پنهنجي زندگي ۾ هميشه اهڙي سياسي انتهاپسندي کي رد ڪري ڇڏيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت وقت پوري پاڪستان ۾ باهه لڳي وئي ۽ پاڪستان نه کپي نه کپي جا نعرا لڳي رهيا هئا. هن چيو ته صدر زرداري سياست جي دائري ۾ رهي سياست ڪئي ۽ پاڪستان، جمهوريت ۽ ڪارڪنن کي بچايو، آخرڪار ان آمر کي به ڀڄايو. اڄڪلهه جي سياست جو جيڪو رخ آهي ان ۾ عوام جو فائدو ناهي، ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي، سياسي ورهاست جي ڪري سياست، ملڪ ۽ معيشت توڙي ملڪي سلامتي کي نقصان پهتو آهي، ڪير به اِهو برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان کي سياسي بحران مان ڪڍڻو آهي ته جيئن اسان معاشي بحران مان نڪري سگهون، قومي سلامتي جي سطح تي جيڪي خطرا آهن، اهي ملڪ اندر دهشتگردي ۽ ٻيا آهن جيڪڏهن انهن جو مقابلو ڪرڻو آهي ته ان لاءِ سياسي قوتن کي رستو ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته سياسي جماعتن کي ذميوار سياست ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي حڪومت ۾ پارٽيون آهن انهن کي به ملڪ جي مفاد لاءِ سوچي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي سياسي پارٽين، تنظيمن کي جيڪڏهن هڪ فرد تي ڀروسو ۽ اميد آهي ته اهو ڪهڙو شخص پاڪستان جي سياست ۾ آهي. هن چيو ته سياسي انتهاپسندي شروع ٿي چڪي آهي ته پوءِ اهو ڪهڙو واحد شخص آهي جيڪو مفاهمت جو بادشاهه آهي جيڪو پاڪستان کي هن مشڪل مان ڪڍي سگهي ٿو، اهو هڪ ئي صدر آصف علي زرداري آهي. اهو ڪيئن ٿيڻو ۽ ڪڏهن ٿيڻو آهي، اِهو ته اسان جا وڏا ئي فيصلا ڪندا، اسان ته تجويز ئي ڏئي سگهون ٿا، اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان صحيح معنيٰ سان پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪري پاڪستان کي بحيثيت قوم گڏ ڪري سگهون جيئن مئي جي جنگ دوران پورو پاڪستان هڪ ٿيو ڀارت کي جهڙو جواب ڏنو اهو به تاريخي هو. هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان جو معاشي رخ صحيح ڪري سياسي بحران مان ڪڍڻ جي به ذميواري اسان سڀئي گڏجي ادا ڪنداسين.










