اسلام آباد -27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بينظير ڀٽو شهيد کي سندس 18هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته هن جمهوريت، عوامي حقن ۽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ جدوجهد ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بينظير ڀٽو شهيد جي يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي عظيم ڌيءَ، اڳوڻي وزيراعظم بينظير …
بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت، عوامي حقن ۽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ جدوجهد ڪئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد -27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بينظير ڀٽو شهيد کي سندس 18هين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته هن جمهوريت، عوامي حقن ۽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ جدوجهد ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بينظير ڀٽو شهيد جي يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي عظيم ڌيءَ، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي ملهائي رهيا آهيو، هن جمهوريت، عوامي حقن ۽ وفاق پاڪستان جي استحڪام لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي. بينظير ڀٽو جمهوريت ۾ رواداري ۽ هم آهنگي جهڙن هاڪاري قدرن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن سياسي عمل ۾ رواداري کي هٿي وٺرائي جيڪا تعريف جوڳي آهي. ملڪ ۽ قوم لاءِ بينظير ڀٽو شهيد جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته بينظير ڀٽو جي سياسي ميراث ۾ حب الوطني جو جذبو نمايان آهي، هن عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ، اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ پاڪستان کي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ قدر جوڳا قدم کنيا، سندس قربانيون ۽ خدمتون قوم لاءِ مشعل راهه آهن، وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا ته پاڪستان ۾ رواداري، برداشت، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي ڀلائي جي سفر کي اڳيان وڌائينداسين، جنهن لاءِ بينظير ڀٽو پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ بينظير ڀٽو شهيد کي جنت الفرودس ۾ اعليٰ مقام ۽ سندس خاندان ۽ چاهيندڙن کي صبر عطا فرمائي.










