اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي جديد ويڙهاڪ جهازن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي شاندار فضائي سلامي پيش ڪئي جيڪو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل احترام ۽ پراڻي دوستي جو مظهر آهي. پاڪ فضائيه جي، جي ايف – 17 ٿنڊر بلاڪ III جهازن تي ٻڌل …
پاڪ فضائيه جي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي شاندار فضائي سلامي

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي جديد ويڙهاڪ جهازن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي شاندار فضائي سلامي پيش ڪئي جيڪو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل احترام ۽ پراڻي دوستي جو مظهر آهي. پاڪ فضائيه جي، جي ايف – 17 ٿنڊر بلاڪ III جهازن تي ٻڌل ڇهه رڪني دستي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي رسمي ايئر ايسڪارٽ فراهم ڪيو. مهمان نوازي ۽ ڀائيچاري جي شاندار اظهار جي طور تي اهي جهاز پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي معزز مهمان جي استقبال جي لاءِ فضا ۾ موجود هئا. ان موقعي تي فارميشن ليڊر وزيراعظم پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پاران گڏيل عرب امارات جي صدر کي شاندار سلام ۽ آجيان پيش ڪئي. پاڪ فضائيه پاران اها فضائي سلامي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پختي عزم جي عڪاس آهي. پاڪ فضائيه جي ان شاندار استقبال کي دفاعي ماهرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي رابطن ۽ گڏيل اعتماد جي علامت قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته جي ايف – 17 ٿنڊر بلاڪ III جديد ترين 4.5 جنريشن جو ملٽي رول ويڙهاڪ جهاز آهي، جيڪو پاڪ فضائيه جي جديد آپريشنل صلاحيتن ۽ پيشيواراڻي مهارت جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستاني فضائي حدن ۾ ڀائر ملڪن جي معزز مهمانن کي فضائي سلامي پيش ڪرڻ پاڪ فضائيه جي پراڻي روايت آهي جيڪا خيرسگالي جي جذبي، دوستي ۽ احترام جي تسلسل جي نمائندگي ڪري ٿي.










