ڪي پي ڪي ۾ امن جي صورتحال خراب، انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي حمايت ڪرڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندو: ڪي پي ڪي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي

سکر - 26 ڊسمبر(اي پي پي)خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ امن جي صورتحال خراب آهي اتي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. اسان هن وقت جنگ جي صورتحال ۾ آهيون، بلاول ڀٽو زرداري اڄ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندو. اهڙيون ڳالهيون گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدا …

سکر – 26 ڊسمبر(اي پي پي)خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ امن جي صورتحال خراب آهي اتي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. اسان هن وقت جنگ جي صورتحال ۾ آهيون، بلاول ڀٽو زرداري اڄ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندو. اهڙيون ڳالهيون گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدا بخش ويندي سکر هوائي اڏي تي صحافين سان ڪيون. هن چيو ته اسين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدا بخش وڃي رهيا آهيون۔ بلاول ڀٽو زرداري اڄ شهيد راڻي جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندوـ ھن چيو ته تحريڪ انتشار مان ڪڏهن به ڪا چڱائي جي اميد نه ٿي رکي سگهجي ـ اسان ميثاق جمهوريت بابت ڳالهايو، وزير اعظم محمد شهباز شريف ميثاق معيشت بابت ڳالهايو. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ٻن سالن ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو آهي ـ ھن چيو ته مخالف ڌر جا اڳواڻ اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن. اڊيالا جيل ٻاهران روزانو سرڪس ٺاهڻ صحيح ڪم ناهي ـ مون وڏي وزير سان ڳالهايو آهي، انهن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي ـ پرڏيهي اڳواڻ پاڪستان اچي رهيا آهن ۽ احتجاجن جي ڪري اسلام آباد بند ڪيو ويندو آهي. ھن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن جي صورتحال خراب آهي اتي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. اسان هن وقت جنگ جي صورتحال ۾ آهيون، صوبائي حڪومت کي اڊيالا بدران پنهنجي صوبي جي چارج سنڀالڻ گهرجي.

مزید خبریں