وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ملاقات، ٻنهي ملڪن جو مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي واپار ۾ اضافي تي اتفاق

اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات معيشت، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر جي ترقي، آءِ ٽي، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفي واپار ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو آهي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو ۽ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات معيشت، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر جي ترقي، آءِ ٽي، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي ٻطرفي واپار ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو آهي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو ۽ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. گڏيل عرب امارات جي صدر جي حيثيت سندس پاڪستان جو اهو پهريون سرڪاري دورو هو، پاڪستان اچڻ تي شيخ محمد بن زايد النهيان جو انتهائي شاندار ۽ والهاڻو استقبال ڪيو ويو. پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي جي ايف 17 ويڙهاڪ جهازن شاهي جهاز کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گڏيل عرب امارات جي صدر جو استقبال ڪيو جڏهن ته ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. دوري دوران شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ تفصيلي ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي امڪانن تي غور ڪيو. ٻنهي ڌرين معيشت، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر جي ترقي، آءِ ٽي، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ان سان گڏوگڏ ٻطرفي واپار ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل فائديمند ترقي جي وسيع صلاحيت موجود آهي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو ۽ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. شيخ محمد بن زايد النهيان جو اهو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.

مزید خبریں