اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري کانپوءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. گڏيل عرب امارات جي صدر جي حيثيت سان سندس پاڪستان جو اهو پهريون سرڪاري دورو هو. …
گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري کانپوءِ روانو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري کانپوءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. گڏيل عرب امارات جي صدر جي حيثيت سان سندس پاڪستان جو اهو پهريون سرڪاري دورو هو. پاڪستان اچڻ تي شيخ محمد بن زايد النهيان جو انتهائي شاندار ۽ والهاڻو استقبال ڪيو ويو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گڏيل عرب امارات جي صدر جو شاندار استقبال ڪيو، ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. دوري دوران شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ تفصيلي ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي امڪانن تي غور ڪيو. هنن معيشت، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر جي ترقي، آءِ ٽي، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ان سان گڏوگڏ ٻطرفي واپار ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو رابطو ۽ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جو عزم ورجايو.











