گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان حڪومت پاران خصوصي استقبالي نغمو جاري

اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان حڪومت پاران خصوصي استقبالي نغمو جاري ڪيو ويو. استقبالي نغمي جا ٻول ”اهلاوسهلا، مرحبا“ تي ٻڌل آهن. نغمي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪستان اچڻ، ان جي شاندار استقبال ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گرمجوشي سان هٿ ملائڻ ۽ …

اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان حڪومت پاران خصوصي استقبالي نغمو جاري ڪيو ويو. استقبالي نغمي جا ٻول ”اهلاوسهلا، مرحبا“ تي ٻڌل آهن. نغمي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪستان اچڻ، ان جي شاندار استقبال ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گرمجوشي سان هٿ ملائڻ ۽ ڳلي لڳائڻ جا منظر شامل آهن جڏهن ته ٻارن پاران شيخ محمد بن زايد النهيان کي گل پيش ڪرڻ جا دلڪش منظر پڻ ڏيکاريا ويا آهن. اهو نغمو ٻنهي ملڪن جي وچ  پراڻي دوستي ۽ عوامي سطح تي محبت ۽ احترام جي عڪاسي ڪري ٿو. نغمي جا ٻول خصوصي مهمان جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي جذبن ۽ خيرسگالي جي اظهار جي علامت آهن. ان نغمي جي ذريعي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل احترام ۽ تعاون جي مضبوط رشتي کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں