حڪومت واپارين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، سفارتي سطح تي پاڪستان کي وڏيون ڪاميابيون مليون آهن: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين

لاهور-26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته روانگي واپار تي ٻڌل مضبوط معيشت ئي ملڪي اقتصادي استحڪام جو بنياد آهي، حڪومت روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، ملڪي ترقي لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، وزيراعظم جي مدبدراڻي قيادت ۾ سفارتي سطح تي به …

لاهور-26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته روانگي واپار تي ٻڌل مضبوط معيشت ئي ملڪي اقتصادي استحڪام جو بنياد آهي، حڪومت روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، ملڪي ترقي لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، وزيراعظم جي مدبدراڻي قيادت ۾ سفارتي سطح تي به پاڪستان کي تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن. اهڙو اظهار هن لاهور جي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ رٿيل تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته  آئون پنهنجي خواهش تي اوهان ماڻهن سان ملڻ هتي آيو آهيان، ملڪي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت ۽ واپاري برادري کي گڏجي ويهي لائحه عمل جوڙڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت ئي ملڪ جي اقتصادي استحڪام جو بنياد آهي، اسان کي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻو پوندو، روانگي واپار وڌندو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت کي واپاري برادري جي مسئلن جو احساس آهي،  حڪومت واپارين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ماضي ۾ به اڳيان اڳيان هئي ۽ هاڻي به حڪومت مشڪلاتن باوجود سهولتون فراهم ڪيون آهن، ڪپهه جي روانگي واپار ۾ ٽيڪس کي گهٽ ڪيو آهي، اڃان به وڌيڪ گهٽ ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن سالن ۾ بزنس ڪميونٽي سان جيتريون گڏجاڻيون ڪيون آهن اوتريون اڳ ۾ ڪنهن به نه ڪيون، اسان بزنس دوست ۽ جي ڊي پي ۾ واڌ چاهيون ٿا، ٽيڪسٽائيل وارن کي هر ڀيري پئڪيج ڏيندا آهيون پر هو پنهنجو روانگي واپار نٿا وڌائين، 50 ،50 ارب روپين تائين ٽيڪس جو پئڪيج ڏنو ويو پر انهن جي پيداوار نه وڌي، وياج جي شرح کي به گهٽ ڪيو ويو پر گهربل نتيجا نه مليا. پاليسي ريٽ گهٽ ڪيو ويو، اميد آهي ته هو ريٽ سنگل انگ ۾ اچي ويندا، اسان ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون آهن جن کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. هن روانگي واپار کي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو ته روانگي واپار ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائي کي وڌائڻ ضروري آهي. هن مقامي صنعت ۽ آبادگارن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو، ته جيئن عالمي چٽاڀيٽي جو معيار ۽ پيداوار بهتر ٿي سگهي. هن چيو ته لائيو اسٽاڪ، زراعت جو 60 سيڪڙو ۽ ان جو روانگي واپار ٿي رهيو آهي، اسان ڪوالٽي وڌائي ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ چاهيون ٿا، حلال فوڊ دنيا جي وڏي مارڪيٽ آهي، غير مسلم ملڪ حلال فوڊ وڏي مقدار ۾ برآمد ڪري رهيا آهن، اسان کي ان تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ان حوالي سان ڪاروباري برادري کي سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ٻجن تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي، آبادگارن کي تصديق ٿيل ٻج فراهم ڪنداسين، ڀاڻ کي هڪجهڙي قيمت تي رکيو ۽ سپلائي به بنا رڪاوٽ جاري آهي. هن چيو ته هر شعبي ۾ سڌارا جاري آهن، پرڏيهه ۾ سفيرن کي به اهو چيو ته هو ملڪي روانگي واپار لاءِ ڪم ڪن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو به اهو ئي پيغام آهي ته روانگي واپار ۾ واڌ ٿئي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو ملڪي معيشت جي بهتري ۾ ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي، حڪُومت روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي ته ايڊيبل، گوشت، لائيو اسٽاڪ، چانور ۽ ٻين جنسن جي پرڏيهي منڊين ۾ گهرج آهي، انهن جو روانگي واپار وڌايون، ان سلسلي ۾ ايران سان واپار وڌائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، ايران کي 3 لک ٽن چانور برآمد ڪيا ويندا، هن چيو ته زيتون ۽ مڇي وڏو سيڪٽر آهي، حڪومت کي روانگي اوپار خاص طور تي آفريڪي ۽ ٻين اڀرندڙ مارڪيٽن تائين رسائي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ پاليسين جو تسلسل به ضروري آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان ان جي کوٽ رهي. سياسي حڪومتن جي بار بار تبديلين سبب معاشي شعبو پوئتي رهجي ويو . هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن سان سفارتي سطح تي پاڪستان کي تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ وڌيڪ ترقي ڪندو.

مزید خبریں