پي ٽي آءِ يو ڪي چيپٽر طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي قتل جي ڌمڪين تي ٻڌل وائرل وڊيو کليل غداري، دهشتگرداڻي سوچ ۽ رياست پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان آهي: وفاقي وزير طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير  ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي يو ڪي چيپٽر طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي قتل جي ڌمڪين تي ٻڌل وائرل وڊيو کليل غداري، دهشتگرداڻي سوچ ۽ رياست پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان آهي. ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته هي سياست نه پر ملڪ دشمن ايجنڊا ۽ پرڏيهي پٺڀرائي ۾ …

اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير  ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي يو ڪي چيپٽر طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي قتل جي ڌمڪين تي ٻڌل وائرل وڊيو کليل غداري، دهشتگرداڻي سوچ ۽ رياست پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان آهي. ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته هي سياست نه پر ملڪ دشمن ايجنڊا ۽ پرڏيهي پٺڀرائي ۾ هلندڙ زهريلي پروپيگنڊا آهي. هن چيو ته قومي سلامتي جي محافظن کي نشانو بڻائڻ معاف نه ڪرڻ جهڙو ڏوهه آهي. اهڙين ڌرين کي بي نقاب ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ جوڳي سزا ڏني ويندي.

مزید خبریں