چين مان انساني ھمدردي جي بنياد تي امدادي سامان جي ٽئين کيپ ڪراچي پھچي وئي

اسلام آباد - 26 ڊسمبر (اي پي پي) چين طرفان انساني ھمدردي جي جذبي تحت فراھم ڪيل امدادي سامان جي ٽئين کيپ سامونڊي جھاز ذريعي ڪراچي پھچي وئي آھي. ان کيپ ۾ 100 ٻيڙيون، 5000 خيما ۽ 8000 ڪمبل شامل آھن. امدادي سامان کي فوري طور ٽرڪن ذريعي ڪراچي جي اين ڊي ايم اي جي ويئر ھائوس پھچايو ويو آھي. اين ڊي ايم اي مطابق چين طرفان ان کان اڳ …

اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) چين طرفان انساني ھمدردي جي جذبي تحت فراھم ڪيل امدادي سامان جي ٽئين کيپ سامونڊي جھاز ذريعي ڪراچي پھچي وئي آھي. ان کيپ ۾ 100 ٻيڙيون، 5000 خيما ۽ 8000 ڪمبل شامل آھن. امدادي سامان کي فوري طور ٽرڪن ذريعي ڪراچي جي اين ڊي ايم اي جي ويئر ھائوس پھچايو ويو آھي. اين ڊي ايم اي مطابق چين طرفان ان کان اڳ ٻه امدادي کيپون حاصل ٿي چڪيون آھن. پھرين (28 سيپٽمبر 2025ع) ۾ 9 ھزار ڪمبل ۽ 300 خيما شامل ھئا. ٻي کيپ (4 آڪٽوبر 2025ع) جي ۾ 16 ھزار ڪمبل، 700 خيما، 1000 لائف جيڪٽس ۽ 4 ھزار سليپنگ بيگز شامل ھئا. چين طرفان حاصل ٿيل ٽنهي کيپن مان مجموعي طور 33 ھزار ڪمبل، 6 ھزار خيما، 100 ٻيڙيون، 1000 لائف جيڪٽس ۽ 4 ھزار سليپنگ بيگز شامل آھن. اين ڊي ايم اي سمورن فراھم ڪيل وسيلن کي متاثر ماڻھن تائين وقت تي پھچائڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي ۽ متاثر علائقن ۾ ضرورت مطابق امدادي سامان جي فراھمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.

مزید خبریں