اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن جي انتظام هيٺ 53 هين نيشنل ايٿليٽڪس چمپئن شپ سڀاڻي آچر 28 ڊسمبر تي جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن جي صدر برگيڊيئر (ر) وجاهت حسين ٻڌايو ته چيمپئن شپ جو تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن ۽ چيمپئن شپ ۾ سڄي ملڪ مان مرد ۽ عورت رانديگرن جون ٽيمون حصو وٺنديون جن ۾ پاڪستان آرمي، …
نيشنل ايٿليٽڪس چيمپئن شپ سڀاڻي جناح اسٽڊيم اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن جي انتظام هيٺ 53 هين نيشنل ايٿليٽڪس چمپئن شپ سڀاڻي آچر 28 ڊسمبر تي جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن جي صدر برگيڊيئر (ر) وجاهت حسين ٻڌايو ته چيمپئن شپ جو تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن ۽ چيمپئن شپ ۾ سڄي ملڪ مان مرد ۽ عورت رانديگرن جون ٽيمون حصو وٺنديون جن ۾ پاڪستان آرمي، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان نيوي، پاڪستان واپڊا، پاڪستان ريلوي، پاڪستان پوليس، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، پنجاب، خيبرپختونخوا، سنڌ، بلوچستان، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جون ٽيمون شامل آهن ۽ چيمپئن شپ ۾ مردن جا24 ۽ عورتن جا 21 ايونٽس منعقد ٿيندا. چيمپئن شپ ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن جي مينيجرز جي گڏجاڻي اڄ 27 ڊسمبر تي ٿيندي جنهن ۾ چيمپئن شپ جي ڊراز ۽ قانون بابت آگاهه ڪيو ويندو، چيمپئن شپ 31 ڊسمبر تائين جاري رهندي ۽ چيمپئن شپ جي پڄاڻي تي ڪاميابي حاصل ڪندڙ رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويندا.











