گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي، ڀائر اسلامي ملڪ جي سربراهه جي اچڻ تي پاڪستان ۾ شاندار ۽ تاريخي استقبال جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي، ڀائر اسلامي ملڪ جي سربراهه جي اچڻ تي پاڪستان ۾ شاندار ۽ تاريخي استقبال جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. پرڏيهي آفيس موجب يو اي اي جي صدر سان گڏ وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ شامل آهي. دوري دوران …

اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي، ڀائر اسلامي ملڪ جي سربراهه جي اچڻ تي پاڪستان ۾ شاندار ۽ تاريخي استقبال جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. پرڏيهي آفيس موجب يو اي اي جي صدر سان گڏ وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پڻ دوري ۾ شامل آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خطي ۽ عالمي سطح جي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اهو دورو واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ترقي ۽ علائقائي استحڪام کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. گڏيل عرب امارات جي صدر جي اچڻ تي پاڪ فضائيه جا ويڙهاڪ جهاز فضائي سلامي ڏيندا ۽ پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندي ئي صدر جي جهاز کي حفاظتي گهيراءُ ۾ ورتو ويندو. واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان جي اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت پڻ ٻطرفي لاڳاپن ۽ مضبوط رابطن جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جو دورو ڪري چڪي آهي. هي دورو ٻنهي ملڪن جي پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ مستقبل ۾ لاڳاپن کي نئين سگهه ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

مزید خبریں