اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اڏام پاڪستان جي ويزن تحت قوم کي اجتماعي ڪوشش، اتحاد ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌڻو پوندو ته جيئن پاڪستان کي سماجي ۽ معاشي ترقي جي نئين بلندين تائين پهچائي سگهجي، پاڪستان جي نئين سر تعمير پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي سنهري اصولن موجب ڪرڻ وقت جي اهم …
اڏام پاڪستان جي ويزن تحت قوم کي اجتماعي ڪوشش، اتحاد ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌڻو پوندو: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اڏام پاڪستان جي ويزن تحت قوم کي اجتماعي ڪوشش، اتحاد ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌڻو پوندو ته جيئن پاڪستان کي سماجي ۽ معاشي ترقي جي نئين بلندين تائين پهچائي سگهجي، پاڪستان جي نئين سر تعمير پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي سنهري اصولن موجب ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد قائد جو پاڪستان – اڏام پاڪستان تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي 77 سالن جي تاريخ ڪاميابين ۽ مشڪلاتن ٻنهي تي ٻڌل آهي، جڏهن ته هر چئلينج کي ترقي ۽ استحڪام جي نئين راهن طرف وڌڻ جو ذريعو بڻائڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته تعليم، صحت، عورتن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، جدت، تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ هڪ مضبوط، پاڻڀرو ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته 24 ڪروڙ پاڪستاني جنهن آزادي، سلامتي ۽ سڃاڻپ مان فائدو کڻي رهيا آهن اهو هڪ عظيم شخصيت قائداعظم محمد علي جناح جي بي مثال جدوجهد، مدبراڻي قيادت جو نتيجو آهي. وفاقي وزير، قائداعظم جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن پاڪستان جو بنياد خودمختياري، آزادي ۽ قومي وقار جي اصولن تي رکيو ۽ ڪنهن به نوآبادياتي سمجهوتي کي قبول نه ڪيو.











