قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد ۽ اصول پسندي نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد ۽ اصول پسندي نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن اصولن تي ٺاهه نه ڪيو. اها ڳالهه هن ڪنوينشن سينٽر ۾ ”قائد جو پاڪستان – اڏار پاڪستان“ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وفاقي …

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد ۽ اصول پسندي نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن اصولن تي ٺاهه نه ڪيو. اها ڳالهه هن ڪنوينشن سينٽر ۾ ”قائد جو پاڪستان – اڏار پاڪستان“ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح جي پروگرامن سان قائد جي زندگي، سندس ويزن ۽ اصولن کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. 1876ع ۾ وزير مينشن ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ محمد علي جناح جي زندگي نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم جا ٽي سنهري اصول اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم سندس ڪاميابي جو بنياد هئا. هن چيو ته 1892ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح رڳو 16 سالن جي عمر ۾ لنڊن وڃي اپرنٽنس شپ ڪئي ۽ ان دوران هن قانون جي شعبي کي بطور ڪيريئر اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته جڏهن انسان ڪنهن مقصد کي پختي عزم سان اختيار ڪري ٿو ته الله تعاليٰ ان جي مدد فرمائي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته قائداعظم بئريسٽر بڻجڻ جي لاءِ لنڪنز ان وڃڻ جو فيصلو ڪيو، تاريخدان اهو لکن ٿا ته هن لنڪنز ان جي چونڊ ان جي لاءِ ڪئي ته لنڪنز ان جي بلڊنگ جي اندر قانونسازن جي فهرست ۾ حضور نبي ڪريم ﷺ جو نالو بطور لاگيور لکيل هو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 19 سالن جي عمر ۾ بئريسٽر بڻيو ۽ کيس ننڍي کنڊ جي گهٽ ترين عمر جي بئريسٽر هجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي زندگي اسان کي اهو سبق ڏي ٿي ته عزم، يقين ۽ مسلسل محنت سان ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ڀرپور جدوجهد ۽ محنت کي پنهنجو شعار بڻايو. سندس زندگي جو اڳيون مرحلو هڪ قانوندان ۽ سياستدان جي طور تي ٻن بنيادي ٿنڀن اصول ۽ پيشيواراڻي صلاحيت تي ٻڌل هو. هن چيو ته ڪانگريس کان قائداعظم محمد علي جناح جون راهون اصولي اختلاف جي بنياد تي جدا ٿيون، ان وقت ڪانگريس جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهي پئي اهو قائداعظم کي قابل قبول نه هو. هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي ٺاهه نه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي قائداعظم جو 1908ع جو فيروز شاهه مهتا ڪيس ضرور پڙهن جيڪو لوڪل گورنمينٽ بابت هو. ان ڪيس ۾ قائداعظم نه رڳو ڪاميابي حاصل ڪئي پر فيروز شاهه مهتا کي ممبئي ڪارپوريشن ۾ بحال ڪرايو جنهن کانپوءِ قائداعظم وٽ ڪيسن جون قطارون لڳي ويون. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم ٻه قومي نظريي جو اصول ڪڏهن ترڪ نه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڀارت ۾ عورت جو حجاب کسڻ جي واقعي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو واقعو هندوتوا نظريي جي انتهاپسندي جو ثبوت آهي. اها رڳو هڪ خاتون جي بي حرمتي نه هئي پر پوري دنيا جي عورتن جي تذليل آهي. هندوتوا نظريو اڄ قائداعظم جي ٻه قومي نظريي کي صحيح ثابت ڪري رهيو آهي. هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ قومي نظريي تي اسان جو يقين وڌيڪ مضبوط ٿيندو پيو وڃي ۽ اهو ئي نظريو پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنياد بڻيو، انهي نظريي جي ڪري اڄ اسان آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. اهو ٻه قومي نظريو سدائين صحيح رهندو. هن چيو ته 1940ع ۾ آل انڊيا ريڊيو تي منعقد هڪ ڪانفرنس دوران قائداعظم محمد علي جناح ”پاڪستان زندهه آباد“ جو نعرو هنيو جنهن سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي نئين اميد ۽ جدوجهد جي لاءِ وڌيڪ حوصلو مليو. هن چيو ته قائداعظم نه رڳو مسلمانن کي آزادي ڏياري پر تاريخ ۾ هڪ اهڙو نقش ڇڏيو جيڪو سدائين قائم رهندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسان جي سڃاڻپ ۽ اسان جو فخر آهي، اڄ دنيا پاڪستان کي هڪ اهم ۽ باوقار ملڪ جي طور تي تسليم ڪري ٿي ۽ ان جي سافٽ پاور ۽ دفاعي صلاحيتن جي معترف آهي. هن چيو ته اسان کي هن ملڪ جي قدر ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ”لااله اله الله“ جي نعري تي قائم ٿيو ۽ جيڪو ڪجهه اسان وٽ آهي اهو هن ئي وطن جي ڪري آهي.

مزید خبریں